اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف پاران آرٽيڪل 63 اي جي نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ جوڙڻ تي اعتراض ڪيو ويو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين الدين به بينچ مان الڳ ڪرڻ جي استدعا ڪئي. درخواست ۾ باني تحريڪ انصاف موقف اختيار ڪيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين الدين پاڻ کي بئنچ مان الڳ ڪن ۽ نظرثاني درخوستون اهڙي بئنچ جي سامهون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون وڃن جيڪا ٽه رڪني انتظامي ڪاميٽي پاران جوڙيل هجي.