ڪراچي: اڳوڻو ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو به آءِ جي سنڌ جي عهدي جي متبادل عهدي تي مقرر ٿيڻ لاءِ انتظار ۾ ويٺل آهي. پوليس ذريعن موجب جاويد عالم اوڍو به آءِ جي سنڌ جي ماتحت ڪم ڪرڻ نٿو چاهي، هن وقت هو ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل آهي. ذريعن موجب جاويد عالم اوڍو آءِ جي سنڌ جي عهدي جي متبادل عهدي تي مقرر ٿيڻ چاهي ٿو. ذريعن موجب عمران يعقوب منهاس ۽ جاويد عالم اوڍو مان هڪ کي اينٽي ڪرپشن کاتي جو چيئرمين ۽ ٻئي کي آءِ جي جيلز مقرر ڪيو ويندو