عمران مائنس ٿي ويو آهي(عليمه) ڪير مائنس نٿو ڪري سگهي: گوهر

0
23
عمران مائنس ٿي ويو آهي(عليمه) ڪير مائنس نٿو ڪري سگهي: گوهر
عمران مائنس ٿي ويو آهي(عليمه) ڪير مائنس نٿو ڪري سگهي: گوهر

راولپنڊي/پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا اسيمبلي وڏي وزير علي گنداپور جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بنا بجيٽ منظور ڪري ورتي، نئين مالي سال لاءِ صوبائي بجيٽ جي منظوري گذريل رات ڏني وئي هئي، بجيٽ جي منظوري کان اڳ تقرير ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته باني سان جڏهن به ملاقات ٿي، سندس هدايتن موجب بجيٽ ۾ تبديليون آنديون وينديون، عمران سان ملاقات بنا بجيٽ منظوري تي پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ کان صحافي سوال ڪيو ته ڇا عمران خان مائينس ٿي ويو؟ عليمه خان جواب ڏيندي چيو ته منهنجو خيال آهي مائينس ئي ٿي ويو آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڪي پي بجيٽ جي منظوري کان اڻڄاڻ نڪتو، بئرسٽر گوهر چيو ته اڃا بجيٽ منظور نه ٿي آهي، بجيٽ جي منظوريءَ ۾ 7 ڏينهن آهن، باني هدايت ڪئي ته ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ اسيمبلي سيٽن تان استعيفيٰ ڏيڻ ۾ سيڪنڊ به نه لڳندو، هن چيو ته باني پي ٽي آءِ کي عدالتي حڪمن باوجود نه ٻارن سان ڳالهائڻ ڏنو پيو وڃي ۽ نه ئي ڪتاب ڏنا پيا وڃن. باني تحريڪ انصاف عمران خان کي دنيا جا وڏا به مائنس نٿا ڪري سگهن.