اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  مودي سرڪار پاران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ايڪس (ٽوئيٽر) اڪائونٽ جي بندش بابت  ترجمان پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته مودي جي هندوتوا سرڪار بيهوده، شر ۽ سفاڪيت جي زنده تصوير آهي. جنگي جنون ۽ فتنه انگيزي ڦهلائڻ لاءِ تيار غاصب سرڪار لاءِ حق ۽ امن لاءِ اٿندڙ هر معتبر آواز ناقابل برداشت ۽ پنهنجي مڪروهه رستي ۾ رڪاوٽ نظر ايندي آهي. ترجمان تحريڪ انصاف موجب عمران خان جي عالمي سطح تي ساک ۽ امن لاءِ سندس علائقائي ۽ عالمي ڪردار ڀارت جي متعصب ۽ شرپسند سرڪار لاءِ وڏي رڪاوٽ آهي، جيڪڏهن عمران خان ناجائز قيد ۾ نه هجي ها ۽ قيادت جي منصب تي هجي ها ته مودي نه زباني ڌمڪيون ڏئي سگهي ها ۽ نه ئي خطي جي امن سان کيڏڻ جا خواب ڏسي سگهي ها. ڀارت ۾ عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ بند ڪرڻ سان مودي سرڪار جو بدنما چهرو نٿي لڪائي سگهي.