اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ سينيٽر پي ٽي آءِ باني کي اُساما بن لادن جي ڳولا ۾ مدد ڪندڙ شڪيل آفريدي جهڙو  قيدي قرار ڏئي ڇڏيو، عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني اهڙو قيدي آهي، جهڙو شڪيل آفريدي، هر هر مطالبن باوجود پاڪستان شڪيل آفريدي کي آمريڪا حوالي نه ڪيو، خبر ناهي ته نئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون ڪهڙيون اَوَليتُون آهن، اسان نٿا سمجهون ته آمريڪا سوڌو ڪوبه ملڪ پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪندو، پي ٽي آءِ عدالتن مان ئي رليف ملي سگهي ٿو.