عمران سوڌو ڪارڪن آزاد، 9مئي ۽ 26 نومبر جي عدالتي جاچ: پي ٽي آءِ جا حڪومت کان مطالبا: ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

0
51
عمران سوڌو ڪارڪن آزاد، 9مئي ۽ 26 نومبر جي عدالتي جاچ: پي ٽي آءِ جا حڪومت کان مطالبا: ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
عمران سوڌو ڪارڪن آزاد، 9مئي ۽ 26 نومبر جي عدالتي جاچ: پي ٽي آءِ جا حڪومت کان مطالبا: ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين جي پهرين ويهڪ، تحريڪ انصاف عمران سوڌو سمورن سياسي قيدين جي آزادي، 9مئي ۽ 26 نومبر جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جا مطالبا ڪيا، ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق، حڪومت پي ٽي آءِ کان مطالبا لکت ۾ گهري ورتا، جڏهن ته عمران سان پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ملاقات وارو مطالبو حڪومت مڃي ورتو. پڌرائي موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪاميٽي ميمبرن جو پهريون ان ڪيمرا اجلاس پارليامينٽ جي ڪاميٽي روم نمبر پنج ۾ ٿيو.

سينيٽر عرفان صديقي اجلاس جي پڌرائي پڙهي ٻڌائي. پڌرائي موجب، پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهين جي پهرين ويهڪ ٿي، جنهن ۾ حڪومت طرفان 7 ميمبرز نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سينيٽر عرفان صديقي، رانا ثناءُ الله، راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، عليم خان ۽ فاروق ستار شريڪ ٿيا، تحريڪ انصاف طرفان 3ميمبرز اسد قيصر، حامد رضا ۽ علامه راجا ناصر عباس ڳالهين ۾ حصو ورتو. ٻنهي ڪاميٽين طرفان ڳالهين کي هاڪاري عمل قرار ڏنو ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪاميٽي مطالبن جو شروعاتي خاڪو پيش ڪيو ۽ ايندڙ اجلاس ۾ لکت ۾ مطالبا پيش ڪندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيلن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٻنهي ڪاميٽين اسپيڪر اياز صادق جا ٿورا مڃيا.

سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ٻنهي ڪاميٽين ڳالهين جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 2 جنوري تي ٿيندو. اجلاس کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن طرفان ڳالهين لاءِ ڪاميٽين جي جوڙجڪ سٺو سنئوڻ آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اسپيڪر  چيو ته حڪومت نيڪ نيتي سان اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي، ڳالهين ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جو گڏجڻ جهموريت کي مضبوط بڻائيندو، جهموريت ۾ ڳالهيون ئي سياسي مسئلن جو واحد حل آهن، عوامي نمائندي طور اسان کي عوامي مسئلن جو حل ڳولڻو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو منظور ڪري ورتو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته حڪومتي ڪاميٽي سان اِها شروعاتي ملاقات هئي، هاڻي باقاعده ڳالهيون 2 جنوري تي ٿينديون. اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي ۽ سينيئر ججز تي ٻڌل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو ته اپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿيو آهي. پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر صاحبزاده حامد رضا چيو آهي ته اسان اهڙو ڪو به مطالبو نه ڪري رهيا آهيون جيڪو آئين کان مٿانهون هجي، اسان ڪنهن کان رليف نٿا گهرون پر حقيقتون ڳولڻ چاهيون ٿا. اسان 9 مئي ۽ 26 نومبر تي فيڪٽ فائنڊنگ چاهيون ٿا ۽ سياسي قيدين جي آزادي جي ڳالهه ڪريون ٿا، اسان جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو به ڪاميٽي آڏو رکيو آهي.

حڪومت ۽ اپوزيشن جو گڏ ويهڻ سٺو سنئوڻ آهي: اتحادي

اسلام آباد: حڪومتي ڳالهين واري ڪاميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته مسئلن جي حل جو واحد  رستو ڌرين جي گڏجي ويهڻ ۾ آهي. حڪومتي ڪاميٽي جي ميمبر نويد قمر جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ اپوزيشن پهريون ڀيرو سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن. حڪومت ۽ اپوزيشن جو هڪ ڪمري ۾ ويهڻ هڪ بهتر قدم آهي، اڄوڪي اجلاس ۾ ٻنهي ڪاميٽين جي ميمبرن جو مثبت رويو سامهون آيو آهي، هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ وڏو خال آهي، پر ان باوجود هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن.

گنڊاپور حڪومت سان ڳالهين جو مخالف: عمر ايوب، سلمان اڪرم ۽ حامد خان به نه آيا

اسلام آباد: حڪومت سان ڳالهين ۾ خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب، پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا ۽ حامد خان شامل نه ٿيا، ذريعن موجب علي امين گنڊاپور حڪومت سان ڳالهين جي مخالفت ڪندي اُن ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير ڪابينا اجلاس ۾ شرڪت ۽ عمر ايوب عدالتن ۾ پيشي سبب نه اچي سگهيا، خامد خان بنگلاديش جي دوري تي ويل آهي ۽ سلمان اڪرم راجا عدالتي مصروفيتن سبب شامل نه ٿيو، پارٽي جي ڪنهن به ميمبر ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو.

عمر ايوب پاران فوجي عدالت جو فيصلو  چئلينج ڪرڻ جو اعلان

پشاور (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب فوجي عدالت واري فيصلي جي مذمت ڪندي فيصلي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته سندس خلاف فيصل آباد ۽ حسن ابدال ۾ پنج موٽرسائيڪل چوري جا ڪيس داخل آهن، اپوزيشن ليڊر کي موٽرسائيڪلن جو چور بڻجي ويو!هن چيو ته عمران خان ۽ پارٽي قيادت سميت ٻين قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، جيستائين آئين ۽ قانون جي بالادستي نه ٿيندي ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو،سندس چوڻ هو ته ٻاهريان ماڻهو هتي سيڙپڪاري ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هتي استحڪام نه آهي.اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته ڊي چوڪ سانحي تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، نوَ مئي واقعن جا سي سي ٽي وي فوٽيج منظرِعام تي آندا وڃن.عمر ايوب چيو ته هو فوجي عدالتن جي فيصلي جي مذمت ڪري ٿو، ملٽري ڪورٽ ملٽري ڪورٽ ملٽري جا ڪورٽ آهن، فيصلي خلاف عدالت وينداسين. هن وڌيڪ چيو ته شفاف اليڪشن سندن مطالبوآهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي صاف شفاف چونڊون ڪرايون وينديون.

عمران ۽ بشريٰ خلاف 190ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو فيصلو جنوري 2025 جي پهرئين هفتي ٻڌايو ويندو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا وڪلين کي آگاهه ڪيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو هاڻي ايندڙ سال 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو.

گوهر جي وزيراعظم ۽ وزيرن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ڊي چوڪ تي احتجاج واري معاملي تي داخل ڪيسن جي ٻڌڻي بئرسٽر گوهر جي غير حاضري سبب 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار ڪٿي آهي. لطيف کوسه چيو ته گوهر خان ڪجهه دير ۾ اچي رهيو آهي. جج رمارڪس ڏنا ته ڪيس جي ٻڌڻي سياري جي موڪلن کانپوءِ رکون ٿا. ، بئرسٽر گوهر 26 نومبر احتجاج دوران تشدد، گرفتارين، ڪارڪنن کي لاپتا ڪرڻ واري معاملي تي وزيراعظم، گهرو وزير، وزير اطلاعات، وزير دفاع ۽ ٻين خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي.

9مئي ڪيس ۾ هاڻي ماسٽر مائينڊ جو وارو آهي: عطا تارڙ

لاهور (م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نوَ مئي جي ڪجهه ڪردارن کي سزا ملي وئي ۽ هاڻي مک ڪردار جو وارو آهي.لاهور ۾ پنهنجي چونڊ تڪ گرين ٽائون ۾ ليگي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته هو ڏڦيڙ ۽ ورهائڻ واري سياست تي يقين نٿا رکن، سياسي ڳالهين جا قائل آهن ۽ ڳالهيون ڪرڻ به ڄاڻن ٿا پر ملڪ ۾ سياسي دهشتگردي نه هلندي.هن چيو ته نوَ مئي معاف نه ڪرڻ جوڳو ڏوهه آهي، ماسٽر مائينڊ کي به سزا ملندي، سياست جي آڙ ۾ ملڪ تي حملا ڪيا ويا، شهيدن جي يادگارن کي مسمار ڪيو ويو، ملڪي دفاعي ٿاڪن کي نقصان رسايو ويو.وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽيون پوءِ پاڪستان پهريان آهي، اختلاف سياستدانن سان ڪريو، شهيدن سان دشمني ڇو ٿا ڪريو؟ هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي پارٽي ملڪ ۾ مهانگائي گهٽائي، معيشت جا سمورا انگ اکر هاڪاري آهن، مهانگائي وڌيڪ گهٽجندي، عوام جا مسئلا حل ڪنداسين.

ملڪي مفاد ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿيندي: وزيراعظم پُراميد

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اُميد ظاهر ڪئي آهي ته ملڪ جي وسيع مفاد ۾ ڳالهين دوران اڳڀرائي ٿيندي، هن چيو ته ملڪ جو مفاد سڀ کان مٿانهون آهي، ڳالهين ۾ قومي سلامتي کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.

اسٽبلشمينٽ ئي اڻ سڌي طرح ڳالهيون ڪري پئي: ترجمان پي ٽي آءِ

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ٻيا به مطالبا آهن جيڪي ايندڙ ملاقات۾ پيش ڪيا ويندا، هن چيو ته هڪ مطالبو 9مئي ۽ 26 نومبر تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ آهي، ٻيو مطالبو سياسي قيدين جي آزادي آهي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي رئوف حسن چيو ته منهنجي نظر ۾ اسٽبلشمينٽ ئي اڻ سڌي طرح ڳالهيون ڪري رهي آهي.

ڊي چوڪ احتجاج ڪيس: شبلي فراز، عمر ايوب جي ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 5 ڪيسن ۾ شبلي فراز جي عبوري ضمانت 17 جنوري تائين منظور ڪري ورتي. ڊي چوڪ تي احتجاج ڪيس ۾ شبلي فراز عبوري ضمانت لاءِ اي ٽي سي سان رابطو ڪيو. عدالت ضمانت منظور ڪري ورتيشبلي فراز خلاف ٿاڻي مارگلا، ٿاڻي ترنول، ٿاڻي آبپاره ۽ ٿاڻي ڪوهسار ۾ ٻه ڪيس داخل آهن. جڏهن ته اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊي چوڪ احتجاج ڪيس ۾ عمر ايوب جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت 17 جنوري تائين عبوري ضمانتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. عمر ايوب جي خلاف ٿاڻي ڪوهسار ۾ چار، ٿاڻي نون ۾ ٻه، مارگلا، شهزا ٽائون، آبپاره ۽ ترنول ۾ هڪ هڪ ڪيس داخل آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسلام آباد پي ٽي آءِ جي ڊي چوڪ ۾ احتجاج دوران داخل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مشعال يوسفزئي جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. مشعال يوسفزئي خلاف ٿاڻي سيڪريٽريٽ، ڪراچي ڪمپني، آبپاره، ترنول، مارگلا، رمنا ۾ هڪ هڪ ڪيس جڏهن ته ٿاڻي ڪوهسار ۾ ٻه ڪيس داخل آهن.

لازمي ناهي سڀ مطالبا مـڃيا وڃن، ڪو وچون رستو نڪري ايندو: رانا ثناءَ

اسلام آباد: وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته لازمي ناهي ته ڳالهين ۾ سمورا مطالبا مڃيا وڃن، ڪو وچون رستو نڪري ايندو آهي، هن چيو ته ڳالهين جي ڪابه گارنٽي ناهي، باقي ڪاميابي جا سئو سيڪڙو چانس آهن.

فوجي عدالتن ۾ سياستدانن نه دهشتگردن کي سزائون ملڻ گهرجن: علوي

پشاور(م ڊ) اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته ملٽري ڪورٽ ۾ دهشتگردن جون سزائون ٿيڻ گهرجن پر سياستدان ڪڏهن کان دهشتگرد بڻجي ويا  آهن جو ملٽري ٽرائل ٿي رهيو آهي؟ پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ عارف علوي نه، سڄي دنيا ملٽري ڪورٽ جي خلاف آهي، ڳالهيون انهن سان ڪامياب ٿينديون، جيڪي ملڪ جا فيصلا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف ناهن، سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کي ڪنهن ڪيرايو، بي اعتمادي رٿ آڻڻ ۾ ڪنهن جو ڪردار هو، پي ٽي آءِ باني جي آزادي بابت پارٽي چيئرمين کي مشورو ڏيندس، اڳوڻي صدر  راهداري ضمانت لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهيان ٿو پر گرفتاريءَ جو خدشو آهي، راهداري ضمانت ڏني وڃي.