ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ عمران سوڌو ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪندي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پر امن احتجاج آئيني ۽ قانوني حق آهي، عوام پر امن رهي، قانون هٿ ۾ نه کڻي، شاهه محمود قريشي عدالت ۾پيشي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني سان گڏ بيٺو هيس ۽ بيٺو آهيان، مان جتي بيٺو هيس اتي ئي بيٺو آهيان، اڳ سائفر ڪيس ۾ اڊيالا ۾ هيس، الله پاڪ ڪامياب ڪيو، هاڻ ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد آهيان. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي جيلن کان باهر موجود قيادت وٽ وقت آهي ته اسان وٽ به اچي، ٿي سگهي ٿو ڪو سٺو مشورو ڏيون، ياسيمن راشد، محمود الرشيد، اعجاز چوڌري، عمر سرفراز چيما جو به موقف ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري، هن چيو ته منهنجو 40 سالن جو تجربو آهي، پارٽي اڳواڻ سياسي پارٽين سان رابطا ڪن، بلاول کي گذارش آهي ته فيصلو ڪري ته ڪٿي بيهڻ چاهي ٿو؟ جمهوري قوتن لاءِ اهم وقت آهي ته اهي ڪٿي بيهڻ چاهين ٿا.  پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني 24نومبر تي احتجاج جي ڪال ڏني آهي، مطالبا پورا نه ٿيا ته اسلام آباد ۾ ويهي رهنداسين، احتجاج جو مقصد پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين اڳواڻن کي آزاد ڪرائڻ آهي،اسان جلسن ۾ ڪابه سرڪاري مشينري استعمال ناهي ڪئي، اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ايم اين ايز کي گرفتار ڪري نياپو ڏنو ويندو آهي ته پارليامينٽ جي ڪابه حيثيت ناهي، باني پي ٽي آءِ سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي،  عمران خان سڏ ڏنو آهي ته سڄي قوم پنهنجي حقيقي آزادي لاءِ ٻاهر نڪري. پاڪستان ۾ آئين عملي طور معطل آهي. نه پارليامينٽ ۽ نه عدالت جي ڪا حيثيت رهي آهي. هن وقت ملڪ عملي طور تي جهنگ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، اسد قيصر چيو ته جنهن وٽ طاقت آهي، جنهن وٽ ڏنڊو آهي ان وٽ اختيار آهي، هن چيو ته اسان جو پهريون مطالبو آهي ته عمران خان  سميت سمورن بيگناهه سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. ٻيو مطالبو آهي ته اسان جو چوري ڪيل مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي. ٽيون اسان جو مطالبو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون تي عمل ڪيو وڃي. چوٿون مطالبو آهي ته افغانستا سان بند ڪيل واپار کي بحال ڪيو وڃي.