اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته عمران سان ڪي به ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، اصل بحران پاڪستان ۾ نه پر پي ٽي آءِ ۾ آهي، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ۽ معاملا اڳتي وڌي سگهن ٿا، علوي جي ڳالهين جي دعوت بابت هن چيو ته اهڙي ماڻهو سان ڳالهه نٿي ٿي سگهي جيڪو پنهنجي سياست، پنهنجي پارٽي ۽ ليڊر کي پاڪستان کان مٿي رکي، هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ بحران آهي، هڪ ڌڙو چوي ٿو ته پاڪستان کي ٽوڙڻو آهي عمران نه ته پاڪستان نه، ٻيو گروپ چوي ٿو ته ويهي ڳالهيون ڪجن، پارٽي اندر ئي ڇڪتاڻ آهي، هن چيو ته عمران مٿان جيڪي الزام آهن انهن جو جواب عدالت کي ڏيڻو آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي بابت سوال تي هن چيو ته حڪومت اڃا ان معاملي تي ڪا مشاورت ناهي ڪئي، پر ايف آءِ اي جي وڏي سنجيده انڪوائري هلي رهي آهي اها ڏسي ئي ان تي غور ڪنداسين.