لنڊن (م ڊ) عمران خان سان ڪا به ڊيل نه ٿيندي، فوج ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو، باني پي ٽي آءِ عمران خان جي خواهش باوجود پاڪ فوج ڊيل لاءِ تيار ناهي، برطانوي اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪ فوج هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران سان ڳالهين کان انڪار ڪندي چيو آهي ته عمران سان ڪنهن به قسم جي ڊيل نه ڪئي ويندي. باني پي ٽي آءِ طرفان فوج جي قيادت سان ڳالهين تي رضامندي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ سينيئر فوجي ذريعن برطانوي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته فوج باني پي ٽي آءِ سان ڳالهين يا معاهدو ڪرڻ جو ڪو به ارادو نٿي رکي. گارجين جي رپورٽ موجب باني پي ٽي آءِ ڪجهه مهينن کان فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ هن غيرمشروط ڳالهين جي به آڇ ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي آزادي لاءِ فوج سان ڊيل جي ڪوشش ڪئي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قانوني ٽيم جي ذريعي گارجين طرفان پڇيل سوالن جي جواب ۾ هنن چيو ته جيل وڃڻ کانپوءِ فوج سان ڪا به ڳالهه ٻول ناهي ٿي، هو ملٽري اسٽبلشمينٽ سان ڊيل ڪرڻ کان انڪار نه ڪندو.