سيالڪوٽ (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ کي جلسو رد ڪرڻ جو نه چيو پر انهن ناڪامي جي خوف کان جلسو رد ڪيو. سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جلسو ملتوي ٿيڻ کانپوءِ عمران خان، بشريٰ بي بي، رئوف حسن ۽ عليمه بي بي جي گفتگو سڀني جي سامهون آهي، پي ٽي آءِ ۾ اختلاف واضح ٿي رهيا آهن، جلسو ڪامياب ٿيڻو هجي ته ڪڏهن به رد نه ڪن ها. هن چيو اهي چئي رهيا آهن ته 9 مئي جا ذميوار اسان ناهيون، مون کي ٻڌايو ته چهرا ڪرائي جا هئا؟ انهن جا وڊيو ۾ چهرا هئا، 9 مئي واقعن کي هزارين نه ڪروڙين ماڻهن ڏٺو، 9 مئي واقعن ۾ ملوث عنصرن جون شڪلون وڊيوز ۾ واضح ڏسي سگهجن ٿيون. بچاءَ واري وزير چيو ته ٻاهرين ايجنڊا تي ڪم ٿي رهيو آهي، ان جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين، پاڪستان جي وحدت جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو. اڊيالا جيل ۾ اعظم سواتي جي عمران سان ملاقات بابت خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ 22 آگسٽ جو جسلو ملتوي ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، ان لاءِ صبح 7 وڳي عمران سان ملاقات جي سهولتڪاري ڪئي وئي، هن چيو ته جيلن جون ڳالهيون راز ۾ رهنديون آهن، آئون جيل جنهن سيل ۾ هئس اتي 16 ڪيمرائون لڳل هيون، هن چيو ته علي امين گنڊاپور بزدار ٽو آهي، هڪ سوال تي خواجا آصف چيو ته آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽس اچن يا ريپبلڪنز ڪوئي فرق نٿو پوي، اسان جي قسمت آمريڪا کي نه پر اسان کي پاڻ ٺاهڻي آهي.