اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف ۽ شاھه محمود قريشي خلاف سائفر اپيلن تي وڪيل سلمان صفدر جا دليل ڏنا، ايڊووڪيٽ جنرل جي غير حاضري تي عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، عدالت وڪيلن کي اڄ باني تحريڪ انصاف سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي. سائفر ڪيس ۾ سزائن خلاف باني تحريڪ انصاف ۽ شاھه محمود قريشي جي اپيلن تي ٻڌڻي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪئي. پي ٽي آءِ پاران بيريسٽر سلمان صفدر دليل ڏيندي چيو ته سائفر ڪيس ۾ جج مس ڪنڊيڪٽ ڪيو، قانوني حق نه ڏنو ويو، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٻه طريقا ھوندا آھن ته ٽرائل ڪيئن ھلائڻو آھي ۽ ڪيس ميرٽ تي ٻڌڻو آھي، ڇا ھن ڪيس جي ڪاروائي عدالتي وقت کان بعد به ٿيندي رھي آھي؟ ڪيس جو نالو سائفر آھي. ٿي سفرنگ رھي آھي. عمران خان ۽ شاھ محمود قريشي کي اوريجنل ٽيڪسٽ جو پتو ئي ناھي ته ٽوئيسٽ ڪيئن لکيو ويو ته وزير اعظم آفيس جي ڪاپي واپس ناھي آئي. سائفر تي صرف اوھان جي خلاف ڪاروائي ڇو ڪئي وئي؟ وڪيل چيو ته سائفر کي اسان جي خلاف صرف سياسي بنيادن تي ڪيسن لاءِ استعمال ڪيو ويو، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد مان ڪو به موجود نه ھجڻ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته ڪراچي وڃڻو ھيو ته ڪنھن کي ھِتي ته ويھاري ڇڏيو ھا. ان دوران وڪيل لطيف کوسا جي استدعا تي عدالت اڄ 11 وڳي باني تحريڪ انصاف سان ملاقات جي اجازت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.