سيالڪوٽ / اسلام آباد (م ڊ / بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ٽوئيٽ بيان کانپوءِ ڳالهيون نه ٿيون ٺهن، پوءِ به حُجت رکڻ لاءِ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، پي ٽي آءِ ڪاميٽي جو باني سان ملاقات وارو مطالبو مڃڻ ۾ ڪوبه عيب ناهي، بچاءَ واري وزير پاران سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي عدالتي معاملو آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته کيس بني گالا منتقلي جي آڇ ٿي هئي، پر اها آڇ سندن خواهش آهي، کيس آزاد ڪرڻ لاءِ ڪنهن قسم جو دٻاءُ آهي. تحريڪ انصاف طرفان پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جا سمورا طريقا ناڪام ٿي ويا آهن، خواجه آصف چيو ته اهڙي دعويٰ تحريڪ انصاف وارا پاڻ ئي ڪندا آهن ته عمران خان کي گهر ۾ نظر بند ڪرڻ يا اڊيالا جيل کان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي هجي، معيشت هوريان هوريان بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ امن ٿيو ته اسان پاڻڀرا ٿي وينداسين، جڏهن ته اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق جي ڪوششن سان پي ٽي آءِ مذاڪراتي ڪاميٽي جي ٻن ڏينهن ۾ عمران سان ملاقات جو امڪان آهي، ذريعن موجب پي ٽي آءِ ۽ حڪومت جي ڳالهين جي معاملي تي عمر ايوب جي پيغام بعد اسپيڪر اياز صادق تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اسد قيصر ۽ عمر ايوب سان رابطو ڪيو، عمر ايوب اسپيڪر کي موبائل تي پيغام اماڻيو هو، جنهن تي اياز صادق چيو ته عمران سان ملاقات ڪرائڻ منهنجي ذميواري نه هئي نه ئي آهي، پر ڳالهين واري ڪاميٽي جي ملاقات ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس، ذريعن موجب اسپيڪر پاران حڪومت سان رابطو ڪيو ويو جنهن بعد امڪان آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن دوران پي ٽي آءِ ڪاميٽي جي عمران سان ملاقات ٿي سگهي ٿي، پي ٽي آءِ ٽيم جيل ۾ ملاقات بعد پنهنجا مطالبا لکت ۾ پيش ڪندي، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين جا ٻه دور ٿي چڪا آهن، اربع تي ٽيون دور ٿيڻو آهي. ان کان اڳ ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ آهي ته ڳالهين لاءِ اجلاس گهرائڻ بابت حڪومت يا مخالف ڌر ڪو رابطو نه ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي ڪاميٽي جي باني سان ملاقات حڪومت کي ڪرائڻي آهي، سندس ذميواري ناهي، حڪومت ۽ اتحادي فيصلو ڪن ته ملاقات ڪرائڻي آهي يا نه ڪرائڻي آهي، ڌريون راضي ٿين ته هڪ ٻن ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهيان. حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهين بابت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته ته پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪاميٽي جي تحريڪ انصاف باني سان ملاقات حڪومت کي ڪرائڻي آهي، اها منهنجي ذميواري ناهي. هن چيو ته چار جنوري تي اسد قيصر سان ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته تحريڪ انصاف باني سان ملاقات جو مطالبو حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي.
اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته خواجه آصف ۽ مريم نواز جي ڪوشش آهي ته هر ممڪن طريقي سان ڳالهيون ناڪام ٿين، ڊيل يا رليف جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، وزيراعليٰ پنجاب ۽ بچاءِ واري وزير جي بيانن تي افسوس آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو آهي ته اسان جي ڪمٽمينٽ آهي، اُنڪري اعتماد سان پيا ڳالهايون، باني سان ملاقات ڪرائڻ جي وعدي بعد حڪومت پاران بهانا ڪيا پيا وڃن، اسان نه خوف ۾ آهيون ۽ نه ئي ڊڄون ٿا، رڳو ملڪ خاطر پنهنجي خدشن کي پوئتي رکيو آهي تحريڪ انصاف اڳواڻ بيرسٽر علي ظفر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چئي ٿو مان ڊيل يا رليف نه وٺندس، عدالتي جنگ وڙهندس. هڪ بيان ۾ بيرسٽر علي ظفر چيو ته هن وقت ملڪ اونداهي ۾ آهي، جمهوريت ناهي، حڪومت ظاهري طور ڳالهيون ڪري رهي آهي پر اها ڏسي ڪنهن ٻئي ڏانهن رهي آهي. هن چيو پي ٽي آءِ ۾ اڄ به هڪ گروپ آهي، جيڪو چئي ٿو مزاحمت ڪيو، اسان اونداهي کي اونداهي سان نه روشني سان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا.سندس چوڻ هو ته اسان کي چونڊ سڌارن، اليڪشن ڪمشنر جي تبديلي ۽ آئيني بينچ جي خاتمي تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.