اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وڪيل فيصل چوڌري اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيل انتظاميا هڪ نوٽيفڪيشن ڏيکاريو جنهن موجب باني پي ٽي آءِ پوليس ڪسٽڊي ۾ آهي. ڪيس جي جاچ آفيسر رشيد ڪياني سان رابطو ڪيو، هو ملاقات کان لنوائي رهيو آهي. جوابدار جو آئيني حق آهي ته هو پنهنجي وڪلين سان ملي سگهي ٿو. جوابدار جي جسماني رمانڊ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻي آهي. هن چيو ته جيل انتظاميا ۽ پوليس هڪ ٻئي تي معاملو اُڇلائي ڊرامي بازي ڪري رهيا آهن. جيل انتظاميا ڪيس ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جاچ آفيسر به غائب آهي.  ملاقات نه ڪرائڻ واري معاملي تي هاءِ ڪورٽ سان  رابطو ڪنداسين. ان کان اڳ به پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ غير انساني سلوڪ ڪيو ويو هو. 26 نومبر تي پي ٽي آءِ باني چيو ته کيس 36 ڪلاڪن لاءِ اڪيلائي ۾ رکيو ويو آهي. اسان کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني تي 200 ڪيسن ۾ چُرچ جو الزام آهي. رمانڊ ۾ پوليس کي جاچ ڪرڻي آهي، وڪيل چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص جو ايترو ته خوف آهي جو اُن تائين وڪيلن، خاندان کي اچڻ نٿو ڏنو وڃي. اسان آئين ۽ قانون موجب هر قدم کڻنداسين.