اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدالتي حڪم باوجود باني پي ٽي آءِ سان قيات جي ملاقات نه ڪرائڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ آر پي او راولپنڊي ۽ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل معافي گهري ورتي، عدالت معافي قبول ڪندي عدالت ٻنهي کي آخري موقعو ڏيندي درخواست اُڪلائي ڇڏي. عمر ايوب پاران داخل توهين عدالت واري درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس سردار اعجاز خان ڪئي. آر پي او راولپنڊي ۽ سپريٽينڊنٽ اڊيالا جيل عدالتي حڪم تي عدالت ۾ پيش ٿيا. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته آر پي او ۽ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل جو بيان حلفي کڻي آيو آهيان اسان عدالت کان غير مشروط معافي گهرون ٿا. عدالت رمارڪس ڏنا ته بادي النظر ۾ ڄاڻي واڻي عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي وئي، خاطري ڪرايو ته اڳتي عدالتي حڪم تي مڪمل عمل ٿيندو. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جيل سپريٽينڊنٽ کان پڇاڻو ڪيو ته ايندڙ ڀيري اوهان کي فون ايندو ته ڇا اوهان انڪار ڪندا؟ هي عدالت آهي هِتي اسان کي کلي ڳالهائڻ گهرجي. ٻڌايو ته اوهان نه ڪري سگهندا؟ سرداراعجاز اسحاق خان رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جو نظام عدالتن ۽ پارليامينٽ جي هٿ مان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويو آهي، هي ڄاڻي واڻي ٿيل هجي ها ته عدالتي ڪارروائي ۾ دير نه ڪريون ها. ڪجهه ماڻهن نه ڪرڻ جي همٿ ڪئي هئي، اڄ تائين انهن جي خير خبر ئي نه ملي رهي آهي.