اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) پي ٽي آءِ ڳالهين ۾ ڪاميابي لاءِ ادارن جي غيرموجودگي ۾ باني سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وقت کان اڳ چونڊن جي به گهر ڪئي وئي آهي، رپورٽس موجب پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڪاميٽي تي ڳالهين جي ٽئين دور کان اڳ باني سان ملاقات ڪرائڻ جو واعدو پاڙڻ تي زور ڏنو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪاميٽي جي پريس ڪانفرنس دوران بئريسٽر گوهر چيو ته لکت ۾ مطالبا پيش نه ٿيڻ جي جواز تي ڳالهيون دير جو شڪار نه ٿيڻ گهرجن، پي ٽي آءِ باني ٻن مطالبن تي ئي ڳالهين جو چيو هو، حڪومتي ڪاميٽي چيو هو باني سان ملاقات ۾ سهولتڪاري ڪندي، پر اڃا تائين ملاقات نه ڪرائي وئي آهي، پي ٽي آءِ وڏي عرصي کانپوءِ ڳالهين جو دروازو کوليو هيو، ڳالهيون ڪنهن ڊيل لاءِ نه پر عوام لاءِ آهن، ڳالهين ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، عمر ايوب چيو ته هر جاءِ تي ادارن جي مداخلت موجود آهي، ادارن جي غير موجودگيءَ ۾ باني سان ملاقات جو مطالبو ڪيو هو، باني سان آزاد ماحول ۾ ملاقات جو موقعو ڏنو وڃي، اها ڳالهه مڃڻ سان ئي حڪومت جي ڳالهين ۾ سنجيدگي ظاهر ٿيندي، شبلي فراز چيو ته پي ٽي آءِ ڪنهن کان رعايت يا خيرات نٿي گهري، اسان رڳو دٻاءُ کان آزاد عدليه ۾ شفاف ٽرائل گهرون ٿا، ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن،  سلمان اڪرم راجا چيو ته توهان پي ٽي آءِ باني کي ختم نٿا ڪري سگهو، رت وهايو ۽ خاڪ ۾ ملايو، پوءِ چئو اڳتي وڌو ته ايئن نه ٿيندو، پي ٽي آءِ باني واضح ڪيو آهي ته هو جيل مان آزاد ٿيڻ وارو آخري شخص هوندو، هو سمورن سياسي قيدين جي آزادي چاهي ٿو.