راولپنڊي/لنڊن(م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف باني پي ٽي آءِ رابطن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته فوج سياسي پارٽين سان ڳالهين ۾ دلچسپي نٿي رکي، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام تي فوج جو نالو ڇو ٿو اچي؟ مهرباني ڪري فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي. برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته جيڪا به حڪومت هوندي آهي اُها ئي وقت جي رياست هوندي آهي، پاڪ فوج اُنهي رياست تحت ڪم ڪندي آهي، گذارش آهي ته پنهنجي سياست پاڻ تائين رکو ۽ فوج کي سياست کان پري رکو، پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ فوج خلاف افواهه ۽ مفروضا پکيڙيا ويندا آهن، هڪ افواهه هي به هليو ته فوج پنهنجو ڪم ناهي ڪندي ۽ سياست ۾ ملوث آهي، پر جڏهن حق جو معرڪو آيو ته ڇا پاڪ فوج پنهنجو ڪم نه ڪيو؟ قوم کي ڪنهن به پاسي کان کوٽ محسوس نه ٿي، جنرل احمد شريف وڌيڪ چيو ته اها ڀارت جي پکيڙيل پروپئگنڊا آهي ته بلوچستان جو عوام پاڪ فوج سان گڏ نه آهي، اهو تصور مڪمل طور غلط آهي، جيڪي ماڻهو اسٽريٽيجڪ غلطين سان ويٺا آهن اُنهن کي پنهنجو ذهن صاف ڪرڻ گهرجي، بلوچستان ۽ پاڪستان هڪ آهن، گم ماڻهن لاءِ ڪميشن ڪم ڪري پئي، آمريڪا، برطانيا ۽ ڀارت ۾ به ماڻهو گم ٿين ٿا.