اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل اڳوڻي چيئرمين تحريڪ انصاف سان ملاقات جي رپورٽ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. عدالت اڳوڻي چيئرمين تحريڪ انصاف جي پرائيويسي ۽ وڊيو لنڪ ملاقات واريون درخواستون اُڪلائي ڇڏيون. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان رمارڪس ڏنا ته سمجھه ۾ نٿو اچي ته آن لائين ميٽنگ جي مخالفت ڇو پئي ڪئي وڃي. جسٽس سردار اعجاز خان درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اسان مشاورت سان ايس او پيز تيار ڪئي آھي. عدالت چيو ته اوھان اھو ڪم پھريان به ڪري سگھو پيا، ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته اسان ٻن ڏينھن ۾ ايس او پيز فائنل ڪري ڇڏينداسين. عدالتي معاون ايڊووڪيٽ زينب جنجوعه موقف اختيار ڪيو ته جيل رولز جي ڪتاب ۾ ٻه ڀيرا ملاقات جي اجازت آھي. ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته جيل رولز جي حولي سان ٻه ٽي ڪتاب آھن. جسٽس سردار اعجاز اسحاق ان رمارڪس ڏنا ته رول ۾ ھڪ لائين لکيل آھي اوھان ان جي پٺيان لڳل آھيو ته اسان کي ھيءَ ناھي ڪرڻو. ھڪ ڪلاڪ ۾ اِن لائين کي ٺيڪ ڪري سگھجي ٿو.