سکر (بيورو رپورٽ) عمران خان رهائي ڪميٽي پاران آزادي مارچ 23 مئي ڪراچي کان شروع ڪيو ويندو جيڪو 25 مئي سکر ۾ اختتام پذير ٿيندو، مارچ جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ فردوس شميم ۽ ٻيا ڪندا، جڏهن ته سکر ۾ مارچ جي اختتام تي شرڪت لاءِ عمران خان جي ڀيڻ حليمه خان کي دعوت ڏني وئي آهي، ڪالهه پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان رهائي ڪاميٽي جي ڪنوينر سعيد آفريدي، وجاهت صديقي، نثار شر، گل نمروز ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرسن ڪندي چيو ته ڀارت رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو، پاڪ فوج منهن توڙ جواب ڏنو، پاڪ فوج جي همٿ، جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ملڪ ۽ فوج جو ڀرپور دفاع ڪيو، پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.