ڪراچي (م ڊ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال ڪرپشن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ پاڪستان ڪرپشن انڊيڪس ۾ 140 کان 133 هين نمبر تي هليو ويو. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل دنيا جي مختلف ملڪن جو ڪرپشن انڊيڪس جاري ڪري ڇڏيو. ٽرانسپيرنسي طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، پاڪستان جو اسڪور اڻٽيهه مان گهٽجي ستاويهه ٿي ويو آهي، جنهن بعد پاڪستان جي ڪرپشن رينڪنگ 140 مان گهٽجي 133 تي هلي وئي.
ڪرپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي رينڪنگ ۾ ست درجا بهتري آئي آهي. ڀارت ڪرپٽ ملڪن ۾ 39 هين، افغانستان 162، بنگلاديش 149 ۽ سريلنڪا 115 تي آهي، ڪرپٽ ترين ملڪن ۾ سوڊان سرفهرست آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال ڏکڻ ايشيا جي گهڻي قدر ملڪن ۾ عام چونڊن سبب ڪرپشن ۾ ذڪر جوڳي لاٿ جو امڪان آهي.