عمران دشمني ۾ سنڌ جي قسمت جا فيصلا

0
96
ايٽمي-اثاثن-جي-غير-محفوظ-ھئڻ-تي-آمريڪي-ڳ

 مارچ مھيني جي پڄاڻي سان گڏوگڏ وزيراعظم عمران خان جو اقتدار به تقريبن ختم ٿي ويو آهي وينٽيليٽر تي پيل وزيراعظم عمران خان آخري خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر بي اعتمادي جي رٿ واپس وٺي ڇڏي ته ھو قومي اسيمبلي توڙي صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ملڪ ۾عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندو، ليڪن وزيراعظم جي اھڙي خواهش جو مخالف ڌر جي جماعتن مثبت موٽ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سندن خيال آهي ته عمران خان پاڻمرادو استعيفا ڏئي ڇڏي باقي بي اعتمادي جي رٿ واپس وٺڻ سندن لاءِ مشڪل آهي. اھڙي پيغام رسائي حڪومت توڙي مخالف ڌر جي جماعتن جي درميان آخري وقت ۾داخل ٿي وئي آهي. ھاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اقتدار جي اصل قوتون وينٽيليٽر تي پيل وزيراعظم عمران خان جي خواهش جو احترام ڪندي مخالف ڌر کي بي اعتمادي جي رٿ واپس وٺڻ لاءِ راضي ڪري ڇڏينديون يا وري ان موقعي تي به پاڻ کي نيوٽرل امپائر وانگر ثابت ڪندا ته ان صورتحال ۾ھو نيوٽرل آھن. حڪومت مخالف ڌر پاران 8 مارچ تي وزيراعظم عمران خان جي خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ھئي ته ان کانپوءِ عمران خان ڪيترن ئي موقعن تي پنھنجا بيان تبديل ڪندو رھيو.

مخالف ڌر کي ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏوگڏ اقتدار جي اصل قوتن جو نالو کڻڻ کان سواءِ کين جانور سان گڏ بيھاريندي چيو ته جانور نيوٽرل ھوندو آھي انسان ڪيئن نيوٽرل  ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته سندس وزيرن به بيان بازي ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. گھرو وزير شيخ رشيد ق ليگ جو نالو کڻڻ بنا چيو ھو ته 5 سيٽن وارا پنجاب جي وڏ وزارت گھري رھيا آھن پر ھاڻي جڏھن وينٽيليٽر تي پيل اقتدار جا آخري ساھه ڏسندي پاڻ وزيراعظم عمران خان کي مشورو ڏئي رھيا آھن ته اسيمبلين کي ٽوڙي ملڪ ۾عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو. عمران خان کي اقتدار مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ پيپلزپارٽي ، نواز ليگ ۽ جي يو آئي  ف جي قيادتن جڏهن چيلھه سان سندرو ٻڌي ميدان ۾ آيا ته ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته عمران خان کي اقتدار تان ھٽائڻ سندن لاءِ مشڪل ٿي سگهي ٿو ليڪن آصف زرداري جي حڪومت جي اتحادين کي ٽوڙڻ کان پھرين پي ٽي آئي جي تقريبن 20 ميمبرن جون وفاداريون بدلائي کين اسلام آباد ۾قائم سنڌ ھائوس ۾ پناھه ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ شھباز شريف ء مولانا فضل الرحمان سان گڏجي اتحادي پارٽين باپ، ايم ڪيو ايم ۽ آزاد ميمبرن جون همدرديون حاصل ڪري ورتيون ۽ عمران خان کي سرپرائيز جي مٿان سرپرائيز ڏيندا رهيا جنهن جو عمران خان سوچي به نه سگھيو ته کيس اقتدار تان ھٽائڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جا اھڙا مطالبا به قبول ڪيا ويندا   جنهن ۾ انتظامي يونٽ يعني صوبي جي قيام سميت ڪراچي سميت سنڌ جي شھري علائقن ۾ 40 سيڪڙو نوڪريون ڏيڻ ڪراچي ۾ مقامي پوليس کي مقرر ڪرڻ ڪراچي ، حيدرآباد ، ميرپور خاص جا  ايڊمنسٽريٽر  سندن مرضي سان مقرر ڪرڻ ، جعلي ڊوميسائلن جو خاتمو  ۽ ٻيا مطالبا شامل آهن.

جڏهن ته شھباز شريف جي وزيراعظم جي صورت ۾ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪن جي واپسي ۽ ڪراچي حيدرآباد ۾ بند پيل سندن آفيسون کولڻ جا معاملا پڻ شامل آهن. سنڌ ھائوس اسلام آباد ۾ميڊيا جي آڏو ڪيل معاهدي کانپوءِ سنڌ جي سياسي توڙي قومپرست ڌرين سماجي حلقن ۾ اھو سوال پيدا ٿي ويو آهي ته آخر سنڌ جي قسمت جو سودو ڪرڻ جو پيپلزپارٽي کي ڪنهن حق ڏنو آھي ته ھو اھڙا سنڌ دشمني جا فيصلا ڪن. حالانڪه ڏٺو وڃي ته ڪالھه تائين پيپلزپارٽي توڙي ايم ڪيو ايم جي قيادتن جا سنگين الزام عوام جي آڏو آھن. سنڌ حڪومت پاران بلدياتي نظام۾ ڪيل ترميمن کان پوءِ ايم ڪيو ايم وزير اعليٰ ھائوس تي حملو ڪرڻ  جي ڌمڪي سميت وسيم اختر چيو ته سنڌي ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ کان پھرين پٽڪو ٽوپي لاھي پوءِ اچن. ھاڻي سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي جي قيادت کان اھو سوال ڪري رهي آهي ته ايم ڪيو ايم پاران ماضي ۾ڪيل حملا سنڌ کي ٽوڙڻ واريون شيون کانئن وسري ويون آھن ۽ پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. ھتي اھو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته عمران خان اقتدار تان ھٽائڻ جي لاءِ پيپلزپارٽي جي قيادت اھڙا معاهدا ڪري آخر ڪھڙو پيغام ڏيڻ چاھي ٿي؟

بحرحال حقيقت ۾ڏٺو وڃي ته ھاڻي جڏھن وزيراعظم عمران خان کي اقتدار تان ھٽائي پيپلزپارٽي جي قيادت توڙي سندن ميمبر واپس موٽي تڪن ۾ ايندا ته پوءِ سنڌ جي عوام جي سوالن جو جواب کين ڏيڻو پوندو ته عمران خان دشمني ۾ سنڌ جي قسمت جا فيصلا اسلام آباد ۾ڪرڻ جو کين ڪنهن حق ڏنو آھي ۽ ڇا سنڌ جي عوام کان راءِ ورتي وئي؟ سياسي سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته آئينده جڏهن بلدياتي يا موجوده ماحول ۾ عام چونڊن جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي جي خلاف اھڙا فيصلا کين ڳچي ۾ پئجي سگھن ٿا. سنڌ جو عوام ڪڏهن به سنڌ دشمن فيصلن کي قبول نه ڪندو ۽ پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيڻ جو اھو مقصد ناهي ته سنڌ جي قسمت جا فيصلا اسلام آباد ۾ ڪيا وڃن.