اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عمران خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا ته حڪومت کي عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست ڏيڻ جي ضرورت ڇو پئي؟ توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي ته بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري خلاف ٿيندي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، گهرو وزارت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڊي چوڪ تي پهچڻ جي ڪال 24 مئي تي ڏني وئي هئي، عدالتي آرڊر عمران خان تائين پهتو هو، ان بابت سمورو رڪارڊ موجود آهي، جسٽس مظاهر نقوي چيو ته توهين جو معاملو عدالت ۽ توهين ڪندڙ جي وچ ۾ هوندو آهي، حڪومت متاثر ڌر ڪيئن آهي جو توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرائي؟ چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عمران خان چوي ٿو ته کيس عدالتي حڪم جو علم ئي نه هو، عمران خان پاڻ نه آيو پر ڪارڪنن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو ضرور چيو، جسٽس اعجاز چيو ته عمران خان عدالت کي ڪا به سڌي خاطري نه ڪرائي هئي، ڪا غلط بياني ثابت ٿي ته اها بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري طرفان ٿيندي، توهين عدالت جي ڪارروائي به ٻنهي جي خلاف ٿيندي.