اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي، سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج جي خط تي وزارت قانون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جج وزارت قانون کي جيل ٽرائل لاءِ خط لکيو هو، سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي پيشي لاءِ عدالت گذريل ڏينهن جيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪيو هو.