اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ باني تحريڪ انصاف خلاف توهين عدالت جي حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي غير معينه مدت تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا حڪومت ان ڪيس کي هلائڻ چاهي ٿي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته حڪومت سنجيدگيءَ سان ڪيس جي پيروي ڪري رهي آهي. باني تحريڪ انصاف 25 مئي تي لانگ مارچ ۾ عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن عدالت نوٽيس ورتو ته باني تحريڪ انصاف کي هِتي پيش به ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان هدايتون وٺو. جسٽس جمال مندخويل چيو توهين عدالتن جو معاملو عدالت ۽ توهين ڪرڻ واري وچ ۾ هوندو آهي. اوهان ڇو جذباتي ٿي رهيا آهيو. عدالت اوهان کي رستو ڏيکاري رهي آهي. سلمان اڪرم راجه چيو ته باني تحريڪ انصاف پاران جواب جمع ڪرايو ويو آهي. عدالت جو زباني حڪم باني تحريڪ انصاف تائين هن وقت تائين ناهي پهچي سگهيو. موبائل سروس جي بندشت سبب وڪيلن جو رابطو به نه ٿي سگهيو هو.