اسلام آباد(بيورو رورٽ) سيشن جج ايسٽ اسلام آباد کي اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد مقرر ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سيشن جج شاهه رخ ارجمند کي اسپيشل جج سينٽرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سيشن جج شاهه رخ ارجمند کي امجد اقبال رانجها جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته امجد اقبال رانجها جون خدمتون لاهور هاءِ ڪورٽ کي واپس ڪيون ويون آهن. اسپيشل جج سينٽرل ون شاهه رخ ارجمند باني تحريڪ انصاف ۽ ۽ سندس گهرواري  بشري بي بي خلاف توشا خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ايف آءِ اي توشا خانه ٽو ڪيس جي جاچ لاءِ 3 رڪني جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي: عمران کي پڇا ڳاڇا لاءِ 16 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ايف آءِ اي نيب کان رڪارڊ به حاصل ڪري ورتو آهي، نيب ترميمون بحال ٿيڻ بعد ڪيس نيب کان ايف آءِ اي منتقل ٿي ويو هو.