لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه ۽ صدر پي ڊي ايم مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان جنهن طريقي سان آرمي چيف کي تڪراري بڻايو آهي ۽ اهي افواهه آهن ته هن جي آرمي چيف سان ملاقات ٿي آهي جيڪڏهن ٿي به آهي ته اها بنا نتيجي جي ملاقات هوندي جنهن ۾ هو ناڪام ٿي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان عدليه، فوج، پارليامينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي نشانو بڻائي رهيو آهي جيڪڏهن ڪو ادارو عمران خان جي خلاف فيصلو ڏئي ته غدار ۽ حق ۾ فيصلو ڏئي ته اهو ادارو ان لاءِ بهتر آهي. لاڙڪاڻي جي جامعه اشاعت القرآن والحديث مدرسي ۾ هڪ هزار ٻوڏ متاثرن ۾ راشن، روڪ رقم ۽ ڪپڙا ورهائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ختم ٿي چڪو آهي ۽ ان جي سياست به مٽجي چڪي آهي، اسان عمران خان کي اِهو حق نه ٿا ڏيون ته هو آرمي چيف جي مقرري واري معاملي تي مداخلت ڪري ڇاڪاڻ ته آرمي چيف جي مقرري جنهن جو حق ۽ اختيار آهي اهو وزيراعظم جو آهي ۽ اهو ئي ميرٽ تي آرمي چيف مقرر ڪندو. هن چيو ته ڇا ملڪ ۾ افراتفري آهي يا هي ملڪ يا رياست ناهي، عمران خان کي واضع ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هو ڀلي تڙپي، رڙي ۽ رڙيون ڪري پر جيڪو جيڪڏهن ڪو اختيار وزيراعظم، عدليه، پارليامينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي آهي ته فيصلو به انهن جو اختيار آهي ۽ عمران خان ان فيصلي تي اثرانداز ٿي نه ٿو سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت پاڻ ڪمزور آهي اميد ته هو پلٽجي ويندي. کدڙن فقيرن بابت قانون سازي بابت سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪيترائي قانون لڪي ڪري ڪورم پورو نه ٿيڻ، موڪل وارن ڏهاڙن ۽ جمعي ڏينهن تي پرائيوٽ بل جي ذريعي منظور ڪيا ويندا هئا جيڪو قانون جي خلاف عمل آهي، قومي اسيمبلي ۾ قرآن ۽ سنت جي خلاف جيڪو قانون پاس ڪيو ويندو ان جي ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي. هن چيو ته عمران خان چور چور چوندو آهي ڇاڪاڻ جيڪو چور هوندو آهي اهو چور چور ڪندو آهي تنهن ڪري عمران خان بين الاقوامي ۽ امپورٽيڊ چور ثابت ٿيو آهي ان جو محاسبو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي پنهنجي حڪومت کي به چوندس عمران خان پاڪستان کي بدنام ڪري ڇڏيو، اسرائيل چئنلن عمران خان خلاف ڪاروائي تي ڇو واويلا ڪئي ڇاڪاڻ عمران خان جي سوچ پاڪستان جي سوچ ناهي اها ڳالهه مون 12 سال اڳ ڪئي هئي ان جون حقيقتون هاڻي سامهون اچي رهيون آهن. هن چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف وٽ پاڪستان ان جي اثاثن ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي گروي رکي ڇڏيو جيڪو عمران خان آزادي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي هو پاڻ غلام ابن غلام ابن غلام آهي ۽ ان مان اسان عوام کي آزادي ڏيارينداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي ڪري سڀ کان وڌيڪ سنڌ صوبو متاثر ٿيو آهي ۽ هن وقت به سنڌ جي ميدانن ۾ پاڻي ڀريل آهي ۽ متاثر اڃا تائين گهر وڃڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. هن چيو ته هن صورتحال ۾ اسان کي قومي جذبي جي تحت نڪري قومي وحدت جو مظاهرو ڪرڻو آهي انساني ۽ قومي الميو آهي ان سان قومي جذبي تحت منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڊيرا غازي خان ڊويزن ۾ 75 سيڪڙو رابطو ڪٽيل هو جتي هيليڪاپٽر جي ذريعي ماڻهن کي ڪڍي راشن ڏنو ويو ۽ هن وقت فوج پل ٺاهي ڪجهه تعلقن ۾ زميني رابطا بحال ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ متاثرن جي واهر لاءِ سنڌ جي دوري تي آهيان ۽ بلوچستان به ويندس ان لاءِ وفاقي حڪومت سان به ڳالهائيندس جيئن متاثرن جي واهر ٿئي. جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه ۽ صدر پي ڊي ايم مولانا فضل الرحمان لاڙڪاڻي، دادو ميهڙ، نصيرآباد، قمبر، شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان، ڳڙهي خيرو، جيڪب آباد، ٺل، شڪارپور، سکر سميت ٻين ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي دورو ڪيو. مولانا فضل الرحمان سان گڏ صوبائي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو، مولانا ناصر محمود سومرو، طارق خان بلوچ به گڏ هئا