اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته عمران خان کي 9 مئي جي واقعن کي کليل نموني مذمت ڪرڻ گهرجي. خانگي ٽي وي چئنل جي ميزبان حامد مير سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي به ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪارروائي ۾ انساني حقن جو خيال رکڻ گهرجي، مارڪٽ نه ٿيڻ گهرجي، ملوث ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير جي مقرري جي مخالفت نه ڪئي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته  آرمي ايڪٽ تي ڪيسن بابت سياستدانن کي غور ڪرڻو پوندو. سپريم ڪور ٽ ۽ پارليامينٽ به فوجي عدالتن جا ڪجھه فيصلا ختم ڪيا. بي نظير ڀٽو جي شهادت بعد وڏو نقصان ٿيو هو. آصف زردار يجي پاڪستان کپي جي نعري کان پوءِ مسئلو حل ٿيو.  صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته آئون چوان ٿو جيڪڏهن احتجاج ڪيو ته قانون جي دائري ۾ رهي ڪريو. عمران خان کي 9 مئي واقعن تي کليل نموني مذمت ڪرڻ گھرجي.  9 مئي وارن واقعن تي رد عمل نه ڏيڻ بابت هنن کان پڇو ته رد عمل ڇو نه ڏنو.  هن چيو ته پاڪستان ۾ چورن چوري به ڪئي پڪڙيا به نه ويا. فوج منهنجي آهي، آئون منهنجي جمهوري قوتن، عوام سان گڏ آهيان.  جن کي ڳالهيون ڪرڻيون آهن، اهي سوچين، آئون ته ڳالهيون نه ڪندس. حڪومت کي ڳالهيون ڪرڻيون آهن. هن چيو ته آئون ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ڪندو رهندو آهيان. جيتري نفرت پيدا ٿي ويندي آهي تڏهن بڪنگهم پيلس هجي يا پاڪستان هجي، نفرتون وڌنديون ئي وينديون آهن.  اکين ۾ ڪاوڙ اچيو وڃي ته پوءِ اها خطرناڪ هوندي آهي. دشمنين کي ختم ڪرڻو پوندو آهي. محمد بن سلمان وڏو ڪم ڪيو آهي جو ڪيترن ئي ڏهاڪن جون نفرتون ختم ڪيون آهن، پاڪستان ۾ به آئون اها ئي اميد رکان ٿو. هن چيو ته  ڪنهن کي ختم نٿا ڪري سگهو. ڪاوڙ ۾ هجو ته خراب خيال ايندا رهندا آهن.  صدر عارف چيو ته منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪنهن ڪنهن کي ڇا ڇا سمجھائجي. جتي ادارا ناڪام ٿي ويندا آهن اتي قوم تباهه ٿي ويندي آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ به مسئلو اهو ئي آهي. ادارا تباهه آهن. بنگلاديش جي جي ڊي پي ڀارت کان بهتر آهي.  صدر عارف علويءَ چيو ته آئون واحد صدر آهيان جيڪو هر شهيد جي گهر فون ڪندو آهيان. مون کي ڪيپٽن سرور شهيد جي يادگار تي ٿيل ڀڃ ڊاهه تي به ڏاڍو ڏک پهتو، پر ڪهڙي خبر ته ڪير هئا اهي؟ هن چيو ته ان ڳالهه جو خيال رکڻ گھرجي ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. 9 مئي جي واقعن تي مون کي تڪليف پهتي.  هڪ سوال جي جواب ۾ صدر عارف علوي چيو ته هاڻي چونڊون نٿيون ٿي سگهن، سڄي ملڪ ۾ گڏئي ٿينديون. هي به اڳ ئي چئي چڪا آهن.  هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو مدو پورو ٿيڻ تائين به اليڪشن نه ٿي ته عهدو ڇڏڻ بابت اهو ڪندس جيڪو آئين چوي ٿو. آئون چوان ٿو ته هي اليڪشن ڪرائي ڇڏين، آئون هليو وڃان، ڪو ٻيو اچي.  هن چيو ته اليڪشن ۾ قومپرست پارٽيون ناهن کٽينديون. سنڌ ۾ جيئ سنڌ جي پارٽين ڪڏهن ناهي کٽيو.  صدر چيو ته اليڪشن ڪرايو، ان کان اڳ ڳالهيون به ڪريو. حالتون خراب نه ٿي وڃن.  هن چيو ته ملڪي حالتون خراب آهن، اسين ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻ ۾ لڳي ويا آهيون.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بڻائڻ جو مخالف نه هو. هن چيو ته جنرل باجوه کي پيغام ڏيو ته جنهن کي به آرمي چيف بڻائيندو کيس اعتراض نه هوندو.