عمران خان ۾ همت آهي ته مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ جو نالو کڻي: مريم نواز

0
106

اسلام آباد: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ۾ همت آهي ته مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ جو نالو کڻي، عمران خان کي خراب لڳو آهي ته سندس پارٽي جا ڪجهه ماڻهو اسٽيبلشمينٽ سان رابطن ۾ آهن

مريم نواز چيو ته ڪالهه جيڪو ڪالز ڪرائي رهيو هو، اُهو اڄ چئي ٿو ته سندس ماڻهن کي ڪالز اينديون آهن

PTI holds first power show in Peshawar today after Imran Khan's ouster

نون ليگ جي نائب صدر پي ٽي آءِ سربراهه تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته امريڪي خط جي سازش کان شروع ٿيل ڳالهه آرمي چيف جي مقرريءَ تي ختم ٿي وئي

هن چيو ته اسان کي به ڪالز اينديون هيون، پر اسان ثبوت پيش ڪيا، عمران خان جي ذهني حالت خراب ٿي وئي آهي

مريم نواز چيو ته عمران خان کي مذهبي ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي، هو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيڪي گستاخي جي زمري ۾ اچن ٿيون

ھي به پڙھندا

عمران خان ڀلي رڙيون ڪري، آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم ڪندو: فضل الرحمان

لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو فيصلو: فوري چونڊون ملڪ جي ضرورت آهن: عمران خان