اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف جي وڪيلن کي ٽرائل جي لاءِ اڊيالا جيل ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي درخواست تي عدالت ٽن وڪيلن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڪئي. سپريٽينڊنٽ اڊيالا جيل ٻڌايو ته سمورن وڪيلن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي باعزت طريقي سان داخلا جي اجازت ڏني ويندي آهي. عدالت چيو ته وڪيلن جي شڪايت آهي ته گاڏيون جيل کان پري بيهاريون وينديون آهن پاڻي به موجود ناهي هوندو. سپريٽينڊنٽ جيل ٻڌايو ته سيڪيورٽي سبب گاڏيون پري بيهاريون وينديون آهن، جن وڪيلن جا وڪالت نامه جمع آهن انهن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي ۽ چانهه به ڏني ويندي آهي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته 25 کان 30 وڪيل اچي ويندا آهن ته سڀني کي سهولت فراهم نٿي ڪري سگهجي. عدالت چيو ته اهي ته ٻه متضاد ڳالهيون سامهون اچي ويون آهن. عدالت ريمارڪس ڏنا ته باني تحريڪ انصاف ڪو دهشتگرد آهي جو ايتري سيڪيورٽي ۾ ٽرائل ڪرڻ لازم آهي جوابدار کي وڪيلن سان ملاقات جي اجازت لازمي ڏيڻ گهرجي. اجازت نه ڏيڻ سڌي ريت توهين عدالت آهي. قيدي پنهنجي وڪيلن سان ڳالهائي ٿو ته اهو ٻڌڻ جي لاءِ اهلڪار نٿو بيهاري سگهجي. سيڪيورٽي لفظ جو ئي اسان جي ملڪ ۾ غلط استعمال ڪيو ويندو آهي. پراسيڪيوٽر نيب ٻڌايو ته فيصل چوڌري گذريل ڏينهن پنهنجو وڪالت نامو ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو. هن ڪيس ۾ نيب لازم ڌر هئي، پر نيب کي ڌر نه بڻايو ويو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهو درخواست گذار ۽ جيل اختيارين وچ ۾ معاملو آهي سڀ ڄاڻين ٿا ته ڇا ٿي رهيو آهي جيل انتظاميا جو ان ۾ ڪو ڪردار ناهي. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ٻڌايو ته اسان حلفيه بيان ڏيون ٿا ته ٻيهر اِن قسم جي شڪايت نه ٿيندي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته حلفيه بيان جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته اها به توهين عدالت ٿيندي. وڪيل نعيم حيدر پنجوٿا ٻڌايو ته اسان سان گذريل هڪ سال کان اهو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. عدالت کيس چيو ته ملڪ سان اهو سلوڪ گذريل 75 سال ٿي رهيو آهي، اوهان هڪ سال جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن عدالت وٽ ان مسئلي جا ٻه حل آهن هڪ ته ٽرائل جيل کان ٻاهر ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي يا ڪنهن نوجوان وڪيل تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وڃي، اهو وڪيل اڊيالا جيل ويندو ۽ ڪجهه به ٿيندو ته عدالت کي رپورٽ ڪندو. عدالت چيو ته ڇا اوپن ٽرائل ۾ عام ماڻهو به ويٺا هوندا آهن، اِن جو تعين ڪيئن ڪيو ويندو آهي. وڪيل فيصل چوڌري چيو ته جيل عدالت جي ڪميونٽي سينيٽر ۾ آهي، جِتي پراڻي سينما وانگر ئي فلم هلندي هئي. عدالت چيو ته هاڻي به اُتي فلم ئي هلائي رهيا آهن. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اڊيالا جيل ۾ ٽرائل جج موجود هوندا آهن ان جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري سگهجي ٿي. ٽرائل جج مناسب سمجهي ته ڪا ڊائريڪشن به جاري ڪري سگهي ٿو. عدالت چيو ته اُتان ڪا به ڊائريڪشن نه ايندي اهو اوهان به ڄاڻو ٿا. باني پي ٽي آءِ جي هر وڪيل سان ٽي ايسوسئييٽس کي جيل ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي. پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته ٽي ايسوسئيٽس وٺي وڃڻ جو آرڊر نه ڪريو، اُتي جاءِ تمام گهٽ آهي. عدالت چيو ته جيل ٽرائل ڪرڻ کان پهريان پيچيدگين جو جائزو وٺڻ ضروري هو. جيڪڏهن جوابدار 900 وڪيل ڪرڻ چاهي ٿو ته به اُن کي اجازت هجڻ گهرجي. عام ماڻهن کي گهٽ ڪريو ته جئين لاڳاپيل ماڻهن کي عدالتي ڪمري تائين رسائي ملي سگهي. جيڪڏهن ائين آهي ته عدالتي ڪمري ۾ موجود عام ماڻهن جو بڪ طلب ڪندس. ڏسندس ته عدالتي ڪمري ۾ موجود ماڻهن کي وڪيلن ۽ صحافين تي ترجيح ڇو ڏني پئي وڃي. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل ۽ نعيم پنجوٿا وچ ۾ منهن ماري به ٿي. جنهن تي عدالت چيو ته هن وڏي جنگ ۾ توهان وڪيل پنهنجو ڊيڪورم ڇو خراب ڪري رهيا آهيو. عدالت ٽن وڪيلن تي مشتمل ڪمٽي جوڙيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.