اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، کيس پارٽي سربراهيءَ تان هٽائڻ واري درخواست اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني ڪميشن 26 آڪٽوبر تي ڪيس جي باضابطه طور ٻڌڻي ڪندو. ڌرين ڏانهن نوٽيس جاري ڪيا ويا. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيئرمين تحريڪ انصاف کي عهدي کان هٽائڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي.  اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ درخواست گذار خالد محمود کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن 26 آڪٽوبر تي چيئرمين تحريڪ انصاف کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ درخواست جي باضابطه ٻڌڻي ڪندي. اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست گذار خالد محمود داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته توشه خانه ڪيس ۾ سزا کانپوءِ چيئرمين تحريڪ انصف کي عهدي تان هٽايو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.