عمران خان کي ٻاھر ڀڄڻ نه ڏنو وڃي، ضرورت پوي ته اُن کي گرفتار ڪيو وڃي: شرجيل ميمڻ

0
147

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، شھلا رضا ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته عمران خان جي منهن تان شرافت واري چادر لهي چڪي آهي

پريس ڪانفرنس دوران شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته عمران خان سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي دوکو ڏنو، عمران خان کي اسرائيل ۽ ڀارتي ڇو فنڊنگ ڪري رهيا آهن؟

ھن چيو تھ عمران خان سڀني کي چور ۽ ڌاڙيل سڏيندو هو، پاڪستان ۾ اڄ سڀ کان وڏو چور ۽ ڌاڙيل عمران خان آهي

صوبائي وزير چيو ته  عمران خان تي پابندي لڳائي وڃي، عمران خان سان جيڪي به گڏ آهن انهن کي سخت سزا ڏني وڃي

شرجيل ميمڻ جو چوڻ ھو تھ عمران خان خلاف نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن طرفان جاچ ڪئي وڃي، عمران خان کي ٻاهر ڀڄڻ نه ڏنو وڃي

پريس ڪانفرنس دوران ھن چيو ته وفاقي حڪومت عمران خان خلاف سخت ڪارروائي ڪري، ضرورت پوي ته عمران خان کي گرفتار ڪيو وڃي، ڪارروائي ڪري هن ڪيس کي مثالي بڻايو وڃي، عمران خان فراڊي آهي، هر جاءِ تي هن فراڊ ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ تي غيرملڪي فنڊنگ جو الزام ثابت، شوڪاز نوٽيس جاري، عمران خان جو حلفي بيان ڪوڙو آھي: اليڪشن ڪميشن