اسلام آباد (بيورورپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪيس جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي القادر ٽرسٽ ۾ 8 ڏينهن جسماني رمانڊ تي ڏنو. عدالت فيصلي ۾ لکيو آهي ته عمران خان کي علاج ڪرائڻ ۽ زال توڙي مائٽن  سان ملاقات جي اجازت هوندي. تحريري فيصلي ۾ عمران خان جو طبي معائنو ڪندڙ ٽيم ۾ ڊاڪٽر فيصل کي به شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ چيو وو آهي ته رمانڊ دوران عمران خان کي زال سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي. عمران خان رمانڊ دوران وڪيلن سان ملاقات ڪرڻ چاهي ته اجازت هوندي، جڏهن ته ڊاڪٽر فيصل پنهنجي طبي ٽيم سان گڏ عمران خان جو طبي معائنو ڪري سگهي ٿو. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عمران خان مائٽن سان ملاقات ۽ زال سان فون تي ڳالهه ٻول ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ خاص انتظام ڪيا وڃن.