لاهور (م ڊ) عدالتن مان ضمانتون ماڻڻ بعد آزادي ماڻيندڙ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي ڪارڪنن جي احتجاج دوران سرڪاري عمارتن، فوجي تنصيبات ۽ ٻين اهم جاين تي ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي واقعن جي جاچ به چيف جسٽس عمر عطا بنديال کان ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجي سربراهي ۾ سرڪاري عمارتن کي باهيون ڏيڻ جي عدالتي جاچ ڪرائي. ڪارڪنن۽ قوم کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ منهنجو فلسفو ناهي، جڏهن ته تاريخ شاهد آهي ته نواز شريف عدليه تي ڏنڊا وسايا، حملا ڪيا، اسان 27 سالن جي سياسي تاريخ ۾ ڪا ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، نه ئي ڪڏهن ان تي عمل ڪيوآهي. مون هميشه ڏڦيڙ کان بچڻ جي تاڪيد ڪئي آهي.  هن چيو ته الله جو شڪر آهي جو عدليه مون کي انصاف ڏنو، جمهوريت خلاف واردات ڪندڙن کي به عدليه ئي روڪي رکيو آهي. هاڻي وقت آهي ته قوم عدليه ۽ آئين سان گڏ بيهي رهي. عمران خان چيو ته آهستي آهستي شيون سامهون اچي رهيون آهن. مون کي ائين گرفتار ڪيو ويو ڄڻ آئون ڪو دهشتگرد آهيان، اسلام آباد وڃڻ کان اڳ ئي مون کي گرفتاري جي خبر پئجي وئي هئي، منهنجي گرفتاري کان پوءِ پوليس چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو، ٻارن ۽ عورتن کي ماريو، ظل شاهه کي هنن تشدد ڪري قتل ڪيو. هن چيو ته منهنجي دور ۾ ڏسو پاڪ فوج جي ڪيڏي ساک هئي، اسان کي چيو پيو وڃي ته هنن کي قبول ڪريو، احتجاج ڪندئو ته توهان کي جيلن ۾ وجهنداسين.  عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي پارٽي جي ليڊر سان بدسلوڪي کي دنيا ڏٺو، القادر ٽرسٽ سان منهنجيذات جو ڪو فائدو ناهي ٿيو، نيب ان ڪيس ۾ منهنجو مفاد ٻڌائي نه پئي سگهي. هن مطالبو ڪيو ته سرڪاري عمارتون ساڙڻ جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. چيف جسٽس پنهنجي سربراهي ۾ جاچ ڪرائي، ڇو جو لبرٽي ۾ اڻڄاتل ماڻهو ماڻهن کي چڙ ڏياري رهيا هئا. هن چيوته پنجاب ۾ چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي قلم 144 لاو ڪيو ويو. هيل تائين عدليه جمهوريت کي بچايو آهي، عوام اڄ شام عدليه سان يڪجھتي طور گھرن مان نڪري. هن چيو ته چونڊن جا مطالبا ڪندڙ ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڇو ڪندا، اسان هميشه جمهوريت جو پرامن رستو اختيار ڪيو آهي.