عمران خان ڀلي ڪال ڏي، حڪيم ثناءُ الله انتظار ۾ ويٺو آهي: فضل الرحمان

0
112
عمران کي اقتدار مان ڪڍڻ ڪافي
عمران کي اقتدار مان ڪڍڻ ڪافي ناهي، سندس نالو نشان به مٽائڻو آهي، ادارا نيوٽرل رهن: فضل الرحمان

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي خلاف زهر اوڳاڇيو آهي

فضل الرحمان صوبائي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو تعلق هڪ فتني سان آهي، جنهن کي اسان ڪچلي چڪا آهيون

هن چيو ته هو جڏهن به تقرير ڪندو آهي ته ڀڙڪيون هڻنو آهي،هن ڀارتي پائليٽ کي پڪڙي 24 ڪلاڪن اندر ڀارت حوالي ڪيو، اوهان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪيو

Dharna dances — a parliamentary debate? - DAWN.COM

آرمي چيف جي مقرري ۽ ملڪ ۾ چونڊن بابت عمران خان جي بيانن جي رد عمل ۾ فضل الرحمان چيو ته اڳي چوندو هو ته آرمي چيف کي برطرف ڪيو وڃي، هاڻي چئي رهيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري وڌائي وڃي، آرمي چيف جي مقرريءَ شهباز شريف ڪندو

هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ سندس چوري پڌري ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن عدالت سندس خلاف فيصلو ڏئي ٿي ته عدالت غلط آهي ۽ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سندس خلاف فيصلو ڏئي ته هو جانبدار ٿي ويندو آهي

هن چيو ته هاڻي عمران خان چوي ٿو ڪال ڏيندس، هو حڪومت کي وڌيڪ وقت نٿو ڏئي سگهي، عمران خان کان ڪنهن وقت گهريو آهي؟ اليڪشن اسان جي مرضي سان ٿيندي، توهان اچو، حڪيم ثناءُ الله انتظار ۾ ويٺو آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان فوج ۽ حڪومت کي نه پيو هيسائي: شيخ رشيد

سڏ ڏنو ته حڪومت برداشت نه ڪري سگھندي: عمران خان