عمران خان وري به معافي نه گهري؟

0
95
عمران-خان-وري-به-معافي-نه-گهري؟

  جيئن نومبر ويجهو ايندو پيو وڃي، تيئن ملڪي سياست ۾ ھلچل مچندي پئي وڃي. هر سرڪار جي ڪوشش هوندي آھي، فوج جو نئون سپهه سالار سندس مرضي جو اچي. ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آھي ته جونيئر آفيسرز کي سينيئرز تي فوقيت ڏيئي چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو ويو. انهن جونيئر آفيسرز ۾ جنرل ضياالحق ۽ جنرل پرويز مشرف به شامل هئا، ايتري تائين جو موجوده چيف آف آرمي اسٽاف محترم قمر جاويد باجوا به شامل رهيو آھي. جنرل ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف پنهنجي چونڊ ڪندڙ وزيراعظمن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ۽ انهن کي ڪهڙي پڳ ٻڌرائي ان تي بحث نٿا ڪريون. باقي آئين جي آرٽيڪل 243 (3) تحت وزيراعظم کي اهو اختيار حاصل آھي ته فوج پاران وزارت دفاع کي موڪليل چار پنج ٽاپ ليفٽيننٽ جنرلز مان ايندڙ ٽن سالن لاءِ ڪنهن هڪ جي بطور چيف آف آرمي مقرري ڪري سگهي ٿو . ھن وقت جيڪي ٽاپ جا ليفٽيننٽ جنرل آرمي چيف جي ڊوڙ ۾َ شامل آھن انهن ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير، ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا، ليفٽيننٽ جنرل اظھر عباس، ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر شامل آھن. ڏسجي ته انهن مان پاڪ فوج جي قيادت ڪرڻ جو اعزاز ڪنهن کي ملي ٿو ؟ ان تي وقت کان اڳ بحث ڪرڻ وقت جو زيان آھي. انهن ٽاپ جي ليفٽيننٽ جنرلز جون پيشوارانه خدمتون ڪنهن کان ڳجهيون ناهن. دهشتگردي جو محاذ ھجي يا وري جاسوسي انهن سڀني پنهنجو پاڻ ملهايو.

 ملڪي سياست جو محور هميشه طاقتور ڌريون هونديون آھن. انهن طاقتور ڌرين جي طاقت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو يونين ڪائونسل جي ڪائونسلري کان وٺي اقتدار اعليٰ جي ڪرسي تي ڪو به ماڻھو ايستائين نه ٿو اچي، جيستائين ڪو طاقتور سندس مدد نه ڪري. ماضي ۾ اقتدار جي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ به ڪنهن نه ڪنهن جي آشيرواد جي ضرورت هوندي هئي. پ پ پ ۽ نواز ليگ اقتدار لاءِ هڪٻئي تي الزام هڻنديون رهيون ته اسان سان اسٽيبلشمنٽ جي مدد سان ٻه هٿ ٿيندا رهيا آھن. ايتري تائين جو عمران خان ڏانهن اقتدار جي وڃڻ جو الزام به اسٽيبلشمنٽ تي لڳندو رهيو آھي. نواز ليگ ته پنهنجي جلسن ۾ سرعام نالا کڻي پنهنجي مينڊيٽ چوري ٿيڻ جو ذڪر ڪندي رهي آھي. هاڻي جڏھن اسٽيبلشمنٽ بار بار پاڻ کي سياست کان پري رکڻ جي ڳالھه ڪري ٿي ته عمران خان کان اها ڳالھه ھضم نه پئي ٿئي. جڏھن ته سڀني پارٽين جي اها خواهش رهي آھي ته اسٽيبلشمنٽ سياست کان پري رهي پنهنجون پيشورانه ذميواريون سرانجام ڏئي. عمران خان پنهنجي ساٿين سميت اسٽيبلشمنٽ جي غيرجانبدار رهڻ تي ڪڏھن ڪهڙن نالن سان مخاطب ٿي ٿو  ته ڪڏھن وري ڪهڙن نالن سان.

خان صاحب ڪجھه هفتا اڳ چيو هو ته چيف آف آرمي اسٽاف ڪهڙو به اچي ان سان فرق نه ٿو پوي پر فيصل آباد ۾ خطاب دوران عمران خان ته سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون. ملڪ جي آئين ۾ اهو ڪٿي به ناهي لکيل ته فوج ڪنهن جو احتساب ڪري ڇو ته احتساب لاءِ ملڪ ۾ ڪيترائي ٻيا ادارا موجود آھن، جن جو ڪم بدعنوانيون روڪڻ آھي. شھباز شريف ۽ آصف علي زرداري تي الزم مڙھيندي خان صاحب فوجي جنرلز جي حب الوطني ۽ قابليت تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا! سوچڻ جي ڳالھه اها آھي ته خان صاحب آخر چاهي ڇا ٿو؟ ڇا ائين ته ناهي جيڪي خان جي ها ۾ ها ملائن اهي سچا ۽ کرا آھن باقي سڀ ڪوڙا ۽ غدار ؟

عمران خان جي ان بيان کان پوءِ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سڄاڻ ڌرين سان گڏ آءِ ايس پي آر جو جيڪو ردعمل آيو آھي، اهو قابل غور آھي. ايتري تائين جو تحريڪ انصاف جا حمايتي خان صاحب جي ان بيان جي حمايت کان لنوائن پيا. اڪثر ڏٺو ويو آھي ته جڏھن ڪو ڏيئو اجهامڻ تي ايندو آھي ته سندس وَٽ مان تيز تيز روشني خارج ٿيڻ لڳندي آھي. مڇي به جڏھن پاڻي کان ٻاهر اچي وڃي ٿي يا کيس پڪڙي ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو ته آخري پساهن ۾ ھو به تيز تيز تڙپڻ لڳندي آھي، جيڪڏھن ٿورو غور ڪيون ته آخري گهڙين ۾ هر چيز وري جياپي ۽ پنهنجي اوج جي خواهشمند نظر ايندي آھي پر افسوس ته وقت واپس ناهي ورندو. سو اهڙي حالت هاڻي عمران خان جي سياست جو به ٿي ويو آھي. جڏھن کان اقتدار جي ڪرسي کان کيس ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو تڏھن کان خان صاحب پنهنجي ڪنهن به هڪ ڳالھه تي نه ٿو بيهي. لفظن جي تيز نشترن سان نه صرف سياسي مخالفن پر ادارن کي به بخش نه پيو ڪري.

جيئن ته عمران خان جي بادشاهي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي مضبوط آھي ان ڪري عام مخالف کي به بدڪلامي وسيلي خوب رڳڙو لڳايو وڃي ٿو. اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج محترمه زيبا چوڌري جڏھن پوليس کي شھباز گل جو رمانڊ ڏنو ته خان صاحب جنهن انداز سان آپي مان نڪري ويو، اهو اسان سڀني ڏٺو. نيٺ خان صاحب مٿان دهشتگردي جي ايف آءِ آر ڪٽجي وئي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جو ڪيس به داخل ٿي ويو. 31 آگسٽ تي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ عمران خان کي داخل ڪيل جواب تي رعايت ڏيندي 8 ڏينهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر جواب داخل ڪرڻ جو موقعو ڏنو. ڪورٽ سڳوري جي ان رعايت جو خوب چرچو ٿيو، ان ڏينهن هر زبان تي ڪورٽ سڳوري جي رعايت جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. ڪن پراڻي تعلق جو ذڪر ڪيو ته ڪنهن وري شھرت دادلائپ جي ڳالھه پئي ڪئي. بهرحال عمران خان هڪ ڏينهن پهريان پنهنجو 19 صفن تي ٻڌل جواب ڪورٽ سڳوري ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آھي. داخل ڪرايل جواب مطابق خان صاحب پنهنجي ادا ڪيل لفظن تي افسوس جو اظھار ڪيو آھي. سندس چوڻ هو ته شھبازگل جي خراب حالت ڏسي آپي کان ٻاهر ٿي ويس، ان ڪري اهڙا جملا ڳالهائڻا پيا پر منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري نه هو.

هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته ماضي ۾ نواز ليگ جي اڳواڻن کي معافي گهرڻ باوجود سزائون ٻڌايون ويون ۽ عمران خان معافي بدران افسوس جو اظھار ڪيو آھي. ڏسون ٿا ته ان تي ڪورٽ سڳوري ڪهڙو قدم کڻي ٿي؟ قانوني ماهر سٺي نموني تشريح ڪري سگهن ٿا ته ڪورٽ سڳوري ۾ معافي وٺڻ جي وڌيڪ اهميت آھي يا افسوس ڪرڻ کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو؟ عام طور تي معاشري ۾ معافي گهرڻ واري کي عاجز ۽ بهادر ڪوٺيو وڃي ٿو، پر هي عمران خان آھي جنهن وٽ عاجزي ڪٿي به نظر نه پئي اچي. ان کان اڳ به ٽي دفعا خان صاحب توهين عدالت جي ڪيسن کان بچي ويو ۽ ڪورٽ سڳوري کي باور ڪرايو ته ٻيهر اهڙي غلطي نه ڪندس، جيڪا غلطي خان صاحب هاڻي ڪري چڪو آھي يا نه ان جو فيصلو ته ڪورٽ سڳوري ڪندي پر حامد خان جو هڪ جملو مون کي ياد اچي ٿو جنهن ۾ ھن چيف جسٽس اطهر من الله اڳيان چيو ته فواد چوڌري ۾ چڱائي جي توقع نه رکي وڃي .