لاهور (م ڊ) عمران خان ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران پاڻ پيش ٿيڻ بدران پنهنجي سوئپير کي اماڻي ڇڏيو. خانگي ٽي وي چينل موجب ڪالهه عدالت ۾ ٻڌڻي دوران عمران خان جو سوئيپر سندس ضمانت جا مچلڪا کڻي پهتو، جنهن تي جج چيو عمران خان ڪٿي آهي؟ سوئيپر چيو ته عمران خان مون کي اماڻيو آهي. عدالت چيو ته عمران خان جي طرفان توهان آيا آهيو ته سندس ذميواري کڻوٿا؟ جنهن تي سوئيپر چيو ته آئون ذميواري نٿو کڻان. اهڙي ڳالهه کان پوءِ عدالت عمران خان جي ضمانت ۾ واڌ کان انڪار ڪري ڇڏيو.