عمران خان لاءِ ڪو به محفوظ رستو ناهي، شرافت سان استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: بلاول ڀٽو

0
201
عمران خان لاءِ ڪو به محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته عمران خان لاءِ منهنجو واضح پيغام آهي ته سندس لاءِ ڪو به محفوظ رستو ناهي، نه اين آر او نه ئي ايمنسٽي ۽ نه ڪوئي بيڪ ڊور ايگزٽ

هن چيو ته عمران خان باعزت رستو اختيار ڪري، عمران خان تون ڪنهن وقت ۾ هن ملڪ جو رانديگر هئين، عوام کي پنهنيجي طرفان رانديگر جو پيغام موڪليو

بلاول چيو ته عمران خان توهان پنهنجي اننگز کيڏي چڪ اآهيو ۽ شفاف عمل ذريعي شڪست به کائي چڪا آهيو، عزت وارو رستو اهو آهي ته اڄ ئي استعيفيٰ ڏئي هليا وڃو مخالف ڌر اڳواڻ اعتماد جو ووٽ ڏيڻ ڏيئي

هن چيو ته عمران خان اچو ته پنهنجي عددي طاقت جو مظاهرو ڪريون، اسان به پنهنجي عددي طاقت جو مظاهرو ڪيون ٿا، عوام لاءِ وڌيڪ مسئلا نه پيدا ڪريو، آئيني بحران نه پيدا ڪريو ان ۾ اوهان جي عزت ٿيندي، هن چيو ته عمران خان جيڪو توهان باعزت رستو اختيارنه ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن اهي پنهنجي لاءِ ۽ر ملڪ لاءِ نه پر پنهنجي لاءِ سوچي رهيا آهن

بلاول زرداري چيو ته عمران خان کي تجويز ڏني وئي آهي ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچي سو پهچي، توهان بي اعتمادي جي جمهوري هٿيار کي پرڏيهي سازش قرار ڏيو، هن الزام مڙهيو ته عمران خان کي ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، غير سياسي ادارن کي تڪراري بڻائڻ، فوج کي لالچائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اهڙا مشورا ملڪ، قوم، آئين ۽ جمهوريت جي به خلاف آهن

هن چيو ته اپوزيشن ۽ هن ملڪ جو عوام جمهوريت تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهي، تحريڪ عدم اعتماد لاءِ 3 سالن کان جدوجهد ڪري رهيو آهيان، اهو مڪمل طور تي جمهوري عمل آهي، تحريڪ عدم اعتماد ۾ ڪنهن جي ڪلهي تي سوار ٿي ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي، هن چيو ته عمران خان جي خط بابت توهان جو عمل قوم جي مفاد ۾ ناهي، اها ڪرڪيٽ ناهي، اسان کي ملڪ جو خيال رکڻو پوندو، خط بابت ٻارن واريون حرڪتون بند ڪيو

بي اعتمادي کان بچڻ لاءِ عمران خان محفوظ رستو گهريو آهي: اپوزيشن جو انڪشاف