اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي مقامي عدالت عدِت ۾ نڪاح واري ڪيس ۾ سزا خلاف پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عدت ۾ نڪاح ڪيس جي سزا خلاف اپيلن تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج شاهه رخ ارجمند ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ بشريٰ بي بي جو وڪيل عثمان گِل ۽ وڪيل رضوان عباسيءَ جو مددگار عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي مددگار وڪيل چيو ته رضوان عباسي کي دليل ڏيڻا آهن، رڪارڊ به وٽس ئي آهي، جج بشريٰ بي بي جي وڪيل عثمان گِل کي چيو ته اوهان کي به ته دليل ڏيڻا آهن، پنهنجا حتمي دليل ڏيو. سيشن جج رمارڪس ڏنا ته رضوان عباسي عدالت ۾ هر حال دليل ڏئي، هو وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجا دليل ڏئي. ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم باوجود خاور مانيڪا جي وڪيل رضوان عباسي وڊيو لنڪ ذريعي دليل نه ڏنا. معاون وڪيل بار بار ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪندو رهيو. ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پراسيڪيوٽر عدنان علي سزا کي برقرار رکڻ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته وڪيل عثمان رياض گل ڪيس کي سياسي ۽ بدنيتي تي مبني قرار ڏيڻ وارو موقف اختيار ڪيو. ٻڌڻي ۾ ڪلاڪ جو وقفو ڪيو ويو. ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته بشريٰ بي بي جي وڪيل عثمان رياض گل جواب ڏيندي چيو ته پنج سال 11 مهينا هنن شڪايت داخل نه ڪرائي، ايترو وقت ڇا ڪندا رهيا؟ هي ڪيس صرف ۽ صرف سياسي طور تي نشانو بڻائڻ جي لاءِ داخل ٿيو آهي. ارادن ۾ بدنيتي واضع آهي. اهڙين شڪايتن کي رديءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ گهرجي. حقيقتون ٻڌائڻ تي پراسيڪيوٽر رانا حسن عباس کي ايندڙ ئي ڏينهن عدالت مان ٽرانسفر ڪيو ويو، جج چيو ته اوهان اِن کانپوءِ ڇا توقع ڪري سگهو ٿا؟ جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙا لڳي ويا. ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پراسيڪيوٽر عدنان علي دليل ڏيندي سزا برقرار رکڻ جي استدعا ڪئي. ٻڌڻي دوران راجا رضوان عباسي ايڊووڪيٽ جي معاون وڪيل عدالت کي بار بار ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي ته جج شاهه رخ ارجمند چيو ته وڊيو لنڪ ذريعي ڇو نٿو اچي سگهي. اڄ ڪلهه آن لائين اچڻ آسان آهي. دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 29 مئي تي ٻڌايو ويندو.