اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا چيو آهي ته عمران خان پيري مريدي جي آڙ ۾ اسان جو چڱو ڀلو گهر برباد ڪري ڇڏيو. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خاور مانيڪا چيو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻن دوران بشريٰ جي ڀيڻ مريم، بشريٰ جي ملاقات عمران خان سان ڪرائي، اسان جي شادي 28 سال هلي، اسان جي زندگي ڏاڍي خوشگوار هئي، عمران خان پيري مريدي جي آڙ ۾ اسان جو چڱو ڀلو گهر برباد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون ملاقاتون شروع ٿيون، رات جي وقت ٻنهي جون فون تي ڊگهيون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، فرح گوگي عمران خان جي چوڻ تي کيس ڳجهو فون نمبر فراهم ڪيو، منهنجي ماءُ چوندي هئي ته عمران خان سٺو ماڻهو ناهي، ان کي گهر ۾ نه اچڻ ڏيو. هن وڌيڪ چيو ته بني گالا ۾ منهنجو پنهنجو گهر هو، بشريٰ مون کي ٻڌائڻ بنا اتان عمران خان جي گهر هلي ويندي هئي، عمران خان منهنجي مرضيٰ بنا منهنجي گهر ايندو هو،  آئون عمران خان جي پنڪي سان ملاقاتن تي ناراض هئس. خاور مانيڪا چيو ته هڪ ڀيري عمران خان منهنجي گهر آيو ته مون نوڪر جي مدد سان ان کي گهران ڪڍرائي ڇڏيو، هن چيو ته مون پنڪي کي طلاق 14 نومبر 2017 ۾ ڏني، ان جي ڏيڍ مهيني کانپوءِ جنوري ۾ پنڪي عمران خان سان شادي ڪري ڇڏي. هن چيو ته عمران ۽ پنڪي جي شاديءَ جي خبر به مونکي ۽ منهنجي ٻارن کي نه هئي. اسان کي ٽي وي چينلن تان خبر پئي.  هن چيو ته پنڪي ۾ وڏي تبديلي اچي وئي هئي. هڪ ڀيري آئون ڪراچي ۾ هئس، فون ڪندو هئس ته کڻندي نه هئي. هڪ دفعي فون اٽينڊ نه ٿيو ته مون نوڪر کي فون ڪيو، ان ٻڌايو ته عمران خان آيل آهي ان ڪري فون اٽينڊ نه پيو ٿئي. جنهن تي مون نوڪر کي چيو عمران خان کي گھران ڪڍي ڇڏيو، جنهن عمران خان کي گھران ڪڍيو. هن چيوته عمران خان جا پنڪي سان لاڳاپا ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن فرح گوگي جو فون آيو هن چيو ته آئون پنڪي کي طلاق ڏيان. هن چيو ته مون ڪجهه وقت بعد فرح گوگي ذريعي طلاق اماڻي ڇڏي ۽ پوءِ ٻارن کي ٻڌايم ته توهان جي ماءُ کي طلاق ڏئي ڇڏي اٿم. .  هن چيو ته مون طلاق ڏئي ڇڏي ته مهيني بعد فرح گوگي چيو ته طلاق جي تاريخ تبديل ڪريو. مون کي ڪاوڙ آئي ته ڪڏهن طلاق جي تاريخ به تبديل ٿيندي آ؟ طلاق کان پوءِ فرح گوگي جو اسان جي گھراچڻ وڃڻ بند ٿي ويو.