پرتشدد احتجاج پي ٽي آءِ باني جي ڪيسن جي ٽرائل کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش آهي، پي ٽي آءِ باني سياسي قيدي نه آهي، مٿس بدعنواني جا سنگين الزام آهن: وفاقي وزير احسن اقبال ۽ عطاءَ تارڙ جي پريس ڪانفرنس، احسن اقبال چيو ته پرتشدد احتجاج پي ٽي آءِ جو ٽريڪ رڪارڊ آهي، پي ٽي آءِ 2014 ۾ به پارليامينٽ ۽ سرڪاري ٽي وي تي حملو ڪيو هو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي تشدد ڪري شهيد ڪيو، پي ٽي آءِ 9 مئي تي سلامتي جي اداري جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، پي ٽي آءِ ايس سي او ڪانفرنس کي ختم ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، جمهوري ملڪ ۾ پرتشدد احتجاج جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، پرتشدد احتجاج لاءِ ڪي پي حڪومت جا وسيلا استعمال ڪيا ويا.