محبت ديرو (ن پ ا) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ سيد ظفر علي شاهه مختلف ڳوٺن جا دورا ڪيا، ڳوٺ نبي بخش ڪليري ۾ راشد ڪليري جي ڏنل آڄياڻي ۾ ڳالهائيندي ظفر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي احتساب عدالت جيڪا سزا ٻڌائي آهي، اها جمهوري ۽ عدليا جي آزادي لاءِ افسوس ناڪ آهي ۽ ملڪ جي لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، هن چيو ته 2022ع ۾ ٻن ماڻهن جي عدم اعتماد جي ووٽ ڏيڻ تي ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم کي هٽايو ويو، ڇا اهو ملڪ لاءِ صحيح هو، هن چيو ته عمران خان سياسي قيدي آهي، احتساب عدالت جيترا به هن مٿان الزام لڳايا آهن اهي مون کي 60 سالن جي سياست ۾ ڪٿي به نظر ناهن آيا، هن چيو ته مون کي اميد آهي ته پي ٽي آءِ باني جون مٿيون عدالتون جلد انصاف ڪنديون، حڪمرانن ۽ رياستي ادارن ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ بدران ويتر بحران جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي.