عمران خان حڪومت ڇا ٿي چاهي ؟

0
30

عمران خان سرڪار هن وقت تائين اهو ئي ثابت ڪيو آهي ته هن کي عوام کان وڌيڪ ڳڻتي پنهنجي اقتدار بچائڻ جي رهي آهي، انهيءَ ڪري  هو هر اهو ڪم  ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي جيڪو کيس اقتدار ۾ طاقت ۽ واڌارو ڏئي. عوام کي عمران خان مان اها اميد ان حد تائين نه هئي ته هو پنهنجي اقتداري مفاد ۾ ان حد تائين وڌي ويندو جو هو عوام جي جياپي جا بنيادي حق ايترا مهانگا ڪري ڇڏيندو جو زندگي بار بڻجي ويندي. عوام جي  داخلي حالت ڏينهن ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي پر عمران سرڪار انهن سڀني کان مڪمل بي فڪر آهي بلڪل ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ اهڙي حڪومت آهي جيڪا عارضي طور تي ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ آندي وئي هجي ۽ انهيءَ ايجنڊا کان سواءِ هن کي ڪو به فڪر يا ڳڻتي نه هجي.

سياسي جماعتون پنهنجي سياسي زندگي وڌائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ پنهنجي اميج عوام ۾ بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن اهوئي سبب آهي ته هن ملڪ جي تاريخ ۾ جن جن کي به حڪمراني ڪرڻ جي لاءِ آندو ويو ۽ انهن کي هڪ خاص ايجنڊا جي تحت اڳتي وڌايو ويو پر انهن سڀني جو ٽڪراءُ انهن قوتن سان ٿيو جن کين آندو هو. اسان گھڻو ورجاءُ نٿا ڪريون پر ذوالفقار علي ڀٽي جا اختلاف انهن قوتن سان پيدا ٿيا جن هن کي آڻڻ جي لاءِ ڪوشش ورتي هئي پر جڏهن عوام جي زندگي هنن جا ڏک ۽ ڏولاوا ڪنهن ليڊر جي اڳيان اچن ٿا ته پوءِ ان جي همدردي ورهائجڻ شروع ٿي ٿئي. هو جيڪو پهريان صرف اقتدار جي لاءِ اچي ٿو بعد ۾ اقتدار ڪنهن جي لاءِ جو سوال ان جي اڳيان اڀري ٿو اچي ۽ اقتدار جو ڀاري پلڙو عوام جي طرف جھڪڻ شروع ٿو ٿئي، ايئن رڳو ذوالفقار ڀٽو نه پر نواز شريف جو مثال به اسان جي اڳيان آهي جيڪو اقتدار جي لاءِ آيو ۽ اقتدار جي راند ۾ هن ضياءَ الحق کي پنهنجو سياسي رهبر ڪري پيش ڪيو پر اقتدار جو تسلسل هن کي انهيءَ نهج تي وٺي ويو جتي ٽڪراءَ اڻ ٽر هوندا آهن ۽ ان کاپوءِ ان جا ٽڪراءَ شروع ٿيڻ لڳا.

ساڳئي طرح اسان جي آڏو محترمه جي مفاهمت جي سياست جو هڪ ڏکائيندڙ نه وڻندڙ دور گذريو ليڪن آخر تاريخ هن کي به ان ئي ميدان تي پهچايو جتي هڪ لڪير ڇڪيل هوندي آهي جنهن جي هڪ پاسي عوام ۽ ٻئي پاسي مخصوص مفاداتي گروھه بيٺل هجي ٿو. عمران خان پنهنجي سياسي زندگيءَ جو تجربو ڀلي ڪيترو به رکندو هجي هن جي شعور تي گھڻو بحث ناهي اسان ان بحث ۾ به نٿا وڃڻ چاهيون ته هو بنيادي طرح ڪرڪيٽ جو رانديگر آهي، پاڻ سياست جي خانداني ۽ جاگيرداري تصور کي تسليم نٿا ڪريون ڪو به فرد ڪڏهن به سياست جي  دنيا ۾ اچي ٿو سگھي  ۽  هو سياست ۾ پنهنجي ڪنٽريبيوشن ڪندي وڏي کان وڏيون تبديلي جون ٻرانگهون  ڏياري معاشري کي اڳتي وڌائي سگھي ٿو. اسان جيڪڏهن تنقيد عمران خان تي ڪريون ته هو سياست جي دنيا ۾ نااهل آهي ڇو ته هن جو پس منظر خانداني لحاظ کان سياسي ناهي ته پوءِ جاگيرداري پرستي ۽ اها ئي نفسيات ٿيندي جنهن جي پاڻ مخالفت ڪندي نفرت ٿا ڪريون. اسان جي آڏو هن حڪومت کي سمجھڻ جي لاءِ اهو رويو ناهي ته ان ۾ اهليت ڪيتري آ پر پاڻ حڪومت جي سياسي ۽ طبقاتي مفاد جي بنيادن کي ڏسي ان جو جائزو وٺڻ ضروري ٿا سمجھون. عمران خان سرڪار اهليت جي لحاظ کان ڇنڊ ڇاڻ جي بجاءِ مفاداتي لحاظ کان ڇنڊڇاڻ جي گھرجائو آهي پر انهيءَ کان وڌيڪ اها ضرورت اسان عوام جي آهي ته اسان حڪومتن جي مفاداتي ڪردار کي ڏسون، جڏهن اسان مفاداتي ڪردار کي ڏسنداسين ته اسان پنهنجو پاڻ کي مفروضن ۽ غلطين کان ٻاهر ڪڍي سگھنداسين. هي حڪومت بنيادي طرح سان پنهنجو اقتداري مفاد جو رشتو عوام کان سواءِ انهن قوتن سان جوڙڻ جي قائل آهي جيڪي عوام جي مرضيءَ کي ڪا به اهميت ناهن ڏيندا، تنهن ڪري هنن وٽ عوامي مفاد بيڪار ۽ فضول نظريو يا بحث رهندو آهي اهو ئي سبب آهي جو عمران خان اقتدار ۾ ايندي ٻه حڪمتِ عمليون تيار ڪيون هڪ عوام تي هر روز وڌندڙ مهانگائي جو بار ٻيو پارلياماني۽ جمهوري ڪلچر کي وڌائڻ جي بجاءِ انهيءَ کي ڪچلڻ ۽ انهيءَ جي لاءِ عجيب منطق جو ورجاءَ ڪرڻ ته سياسي مخالف چور ۽ ڌاڙيل آهن، ان ڪري  عوام تي مهانگائي جو بار يا  معاشي مجبوريون انهن  ماضي جي حڪمرانن  جي ڪري آهن. پاڻ ان ٻن نقطن کي آڏو رکي هن جي فطرت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هو خارجه پاليسيءَ ۾ جنهن رستي تي وڌي ٿو اهو اسان کي ٻڌائي ٿو ته هو ڪهڙا سياسي مفاد رکندڙ حڪمران آهي. مثال باربار هو افغانستان جي طالباني حڪومت کي جنهن طريقي سان مڃرائڻ جي ڪوشش پيو ڪري اهو طريقو مسلطي طريقو ٿي ٿو وڃي ته طالبان کي تسليم جيڪڏهن نه ڪيوويو ته شديد بحران پيدا ٿيندو. وري هاڻي عمران خان طالبان حڪومت کي تسليم ڪرائڻ لاءِ ٻيو ڪارڊ دنيا جي ٽيبل جي آڏو ڦٽو ڪيو آهي ته داعش جو مقابلو طالبان ڪري سگھن ٿا، هي عجيب منطق اسان جي اڳيان دهرائجي پيو يعني داعش کي ختم ڪرڻ جي لاءِ طالبان جي طاقت دنيا جي فوجي طاقت کان وڌيڪ آهي، ٻيو هي ته داعش جو سڄو دهشت جو دٻاءُ مڊل ايسٽ جي اندر آهي، عراق ۽ شام هن جا هوم گرائونڊ ۽ مرڪز آهن. هاڻي طالبان انهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ لشڪر ڪشي ڪندا يا داعش جي اثر کي افغانستان ۾ روڪڻ جي لاءِ طالبان جي طاقت اهم آهي پر جيڪڏهن پاڪستان جي اندر داعش جون ڪاروايون وڌن ٿيون ته پوءِ ان جو مقابلو ڪير ڪندو؟ ڇا سڀاڻي پاڪستاني طالبان داعش کي روڪيندا؟ اسان پي ٽي آءِ جي سياسي نيريٽو کي هي به ورجائيندي ٻڌو آهي ته طالبان حڪومت ڪشمير آزاد ڪرائيندي. پنجاھه سالن کان قرباني ڏيندڙ ڪشميري هاڻي طالبان جا محتاج ٿي ويندا پر ان سڄي ساري سياسي منطق جي نقشن کي جڏهن اڳيان ٿا رکون ته به آساني سان سمجھي ٿا سگھون ته دنيا جي گورک سامراجي سياست هن ملڪ جي حڪومت کي ڪهڙي خاني ۾ رکندي ۽ پاڻ هيءَ به ٺيڪ طرح سان سمجھون ٿا ته عمران خان هي جيڪو ڪجھه ڪري پيو ۽ چئي پيو يا سندس پارٽي ۽ حڪومت جيڪو ڪجھه ڪري رهيا آهن انهن جي انهن کي ٺيڪ طرح سان ڄاڻ آهي ته هو ڇا پيا ڪن.

هو پاپولر سياست ڪرڻ جا هاڻي قائل ناهن، هنن کي مضبوط ۽ طاقتور حڪمت عملي گھرجي جنهن سان اقتدار ۾ رهن، پاپولر سياست انهن جي لاءِ وقت ضايع ڪرڻ جي ڳالھه آهي. هاڻي عمران خان ترڪي جي  صدر جيان اسلام جي نعري کي پنهنجي سياسي اقتدار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري، هو اهو ئي پيو چاهي ته خطي جي شديد بحرانن مان سياسي فائدا حاصل ڪجن. اسان کي ٺيڪ طرح سان هي به ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته جڏهن ڪنهن غريب ملڪ جو معاشي بحران ڏينهن ڏينهن وڌندو آهي ته انهيءَ جو سڌو سنئون اثر عوام سان گڏوگڏ اسٽيبلشمينٽ ۽ رياست جي ادارن تي پوڻ شروع ٿيندو آهي.  هڪ چالاڪ حڪمران جي حڪمت عملي اها هوندي آهي ته هو عوام کي تڪليف ۾ رکي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ مراعتن ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪندي جمهوريت کي ڪمزور ڪندي نيم آمريت جي طرف وڌي  ۽ اها ئي حڪمتِ عملي هن وقت عمران خان جي آهي. جيڪڏهن پاڻ ان جي سياسي مفادن کي سمجھڻ جي بجاءِ نااهليت جا طعنا ڏيڻ شروع ڪنداسين ته اهو اسان جو بيوقوفاڻو عمل ٿيندو. پاڻ هي به تسليم ٿا ڪريون ته مولانا جڏهن چئي پيو ته “ ڌانڌليءَ جي پيداوار حڪومت چونڊ سڌارا آڻي ته اها قيامت جي نشاني آهي ” پر پاڻ مولانا کي هي به عرض ڪنداسين ته هو اها ساڳئي تنقيد طالبان نوازيءَ تي به ڪري ڇو ته جڏهن عمران خان طالبان کي داعش جو مقابلو ڪندڙ پليئر ڪري پيش ٿو ڪري ته اها به قيامت کان گھٽ نشاني ناهي. خير پاڻ واپس موضوع تي اچون ٿا ته هي حڪومت جيترو وقت به رهندي هاڻي ان جي ايجنڊا نيم آمراڻي پارلياماني حڪومت هوندي جنهن جي تياري عمران خان حڪومت ڪري پئي ۽ ايندڙ چونڊون ان جي ايجنڊا جو ٽارگيٽ آهن. تمام رياست جا ادارا صرف ان مقصد جي لاءِ ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش پيو ڪري هو جيڪو چاهي ٿو ۽ اهو قدم به قدم حاصل ڪندو وڃي ۽ هو حاصل ڪري رهيو آهي.