عمران خان جڊيشل ڪمپليڪس پهچي ويو، عدالت ٻاهران پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون، ڪيترائي ڪارڪن زخمي

0
68

اسلام آباد: عمران خان عدالتي وقت ختم ٿيڻ بعد اسلام آباد جي جڊيشل ڪمپليڪس پهچي ويو، عمران خان جي وڪيل خواجه حارث سيشن جج کي آگاهه ڪيو ته عمران خان پيشي لاءِ پهتو آهي، پر سيڪيورٽي ٽيم کيس عدالت ۾ داخل ٿيڻ نٿي ڏئي

 سيشن جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته عمران خان ڏکيائي ٿي رهي آهي ته انتظار ڪرڻ گهرجي، ائين ناهي ته ساڍا 3 ٿي ويا ته وقت ختم ٿي ويو

سيشن جج جو چوڻ هو ته آئون انتظار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، عمران خان پهچي نٿو سگهي، الله خير ڪري، آئون ويٺو آهيان، سيشن جج ريمارڪس ڏين بعد چئمبر ۾ واپس هليو ويو

پی ٹی آئی کارکنوں کی جانب سے پتھراؤ کے بعد آنسو گیس کی شیلنگ کی، پولیس تحمل سے کام لے رہی ہے، پولیس کے پاس ہتھیار نہیں ہیں: اکبر ناصر خان۔ فوٹو اسکرین گریب

عمران خان طرفان قافلن جي صورت ۾ پهچڻ بعد اسلام آباد جي عدالت ٻاهران ڇڪتاڻ جاري آهي، عدالت ٻاهران پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون آهن، پوليس پاران لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي وئي آهي، پوليس جي لٺبازي شبلي فراز، مراد سعيد ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران گلگت پوليس جا شيل فائر ڪيا ويا آهن، اسلام آباد به جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي، پوليس مٿان به پٿراءُ ڪيو پيو وڃي

آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ هو ته بنا جواز پوليس مٿان پي ٽي آءِ ڪارڪنن پٿراءُ ڪيو، پوليس مٿان شيلنگ ڪئي وئي آهي ۽ اها نئين ڳالهه آهي ته پوليس مٿان شيل اڇلايا ويا آهن، پوليس صبر کان ڪم وٺي رهي آهي، پوليس وٽ هٿيار نه آهن

هي به پڙهندا

زمان پارڪ ۾ رڳو هڪ عورت آهي ته پوليس تي گوليون ڪنهن هلايون ۽ پيٽرول بم اُڇليا: مريم نواز

اسلام آباد پوليس جڊيشل ڪمپليڪس ويندڙ رستا سيل ڪري ڇڏيا