ٽنڊو ڄام (ن پ ا) صوبائي وزير ٽرانسپورٽ  اينڊ ماس ٽرانزٽ  شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلي کانپوءِ عمران خان جي چهري تان صادق ۽ امين جو نقاب لهي ويو آهي ۽ هو ۽ سندس پارٽي هاڻي ڪالعدم ٿي چڪي آهي،هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد شايد هاڻي دنيا جي ڪا به عدالت عمران خان جي حق ۾  فيصلو نه ڏئي، راول هائوس ٽنڊو ڄام ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾  نياز جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آئي جي سينيئر ماڻهن جن پارٽي جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هاڻي اهي  به عمران خان کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهن _هن چيو ته پي ٽي آئي جي اڳوڻي سينيئر ميمبر فوزيا قصوري پڻ عمران خان کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي ۽ سندس بابت ڪيترن ئي ڳالهين تان پردو کنيو آهي _صوبائي وزير چيوته پاڪستان جي قانون موجب فارن فنڊنگ منع آهي پرعمران خان هڪ ٻه نه پر 13 اڪائونٽس لڪايا جنهن سان هن پنهنجي گهر جا خرچ هلايا.