عمران خان، ڪرڪيٽر کان سياستدان ۽ پاڪستان جو 22هون وزير اعظم، ملڪ جي سياست ۾ هڪ تڪراري شخصيت رهيو آهي. راندين جي هيرو کان ملڪ جي اعليٰ عهدي تائين هن جو سفر ڪيترين ئي تبديلين جو سفر آهي. اڪثر ڪري نقادن طرفان کيس “يو ٽرن” جو چيمپيئن ۽ ڪنهن هڪ موقف تي ڄمي نه بيهندڙ سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته سندس حامي دليل ڏين ٿا ته موقف ۾ بار بار اهي تبديليون لچڪداريءَ ۽ عمليت پسنديءَ جو مظاهرو هوندو آهي، جڏهن ته مخالف انهن کي متضاد ۽ اصولن سان وابستگي نه هجڻ طور ڏسن ٿا.
عمران خان 1996ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو بنياد وڌو، هن پاڻ کي هڪ اهڙي سياسي ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ پيش ڪيو، جنهن ڪرپشن کي صاف ڪرڻ جو ارادو ڪيو هجي. پنهنجي شروعاتي سالن ۾، خان پنهنجي روايتي سياسي اشرافيا، خاص طور تي پاڪستان مسلم ليگ (نواز) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي تي تنقيد ۾ ليڪا لتاڙي ڇڏيا، انهن ٻنهي پارٽين تي هن بنيادي طور تي بدعنواني جو الزام لڳايو. جيئن ئي پي ٽي آءِ زور وٺڻ شروع ڪيو، خاص ڪري 2011ع جي لاهور واري جلسي کان پوءِ، خان صاحب انهن ئي پارٽين جي سياستدانن کي پنهنجي ويجهو آڻڻ شروع ڪيو. انهن سان پريت جا پيچ پاتا. ان قدم کي ساراهيو ويو.هن جي نقادن دليل ڏنو ته “اليڪٽيبلز” کي قبول ڪرڻ واري ٻين پارٽين جي تقليد ذريعي عمران خان به سياسي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪرپشن مخالف نظرين تي سمجھوتو ڪري ورتو آهي.
2008ع ۾، عمران خان عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ان وقت جي صدر پرويز مشرف جي موجودگي ۽ سياسي عمل ۾ سندس مداخلت کي هن بنيادي سبب قرار ڏنو. عمران خان جو خيال هو ته مشرف جي ڪنٽرول ۾ رهندڙ نظام ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ سان هڪ بدعنوان ۽ غير جمهوري حڪومت کي جائز قرار ڏنو ويندو. بهرحال، هن فيصلي کي بعد ۾ هڪ اسٽريٽجڪ غلطي جي طور تي ڏٺو ويو، ڇاڪاڻ ته ان فيصلي پي ٽي آءِ کي سياسي مرڪزي ڌارا کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
2013ع جي عام چونڊن ۾ هن حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اهو يو ٽرن لاءِ ان دعوا ڪئي ته سياسي منظرنامو تبديل ٿي چڪو آهي ۽ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهيءَ ۾ عدليه هاڻي شفاف چونڊن جي نگراني لاءِ ايتري آزاد ٿي چڪي آهي. 2013ع جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي خلاف حڪومت مخالف احتجاج شروع ڪرڻ لاءِ 2014ع ۾، عمران خان ڪينيڊا ۾ رهندڙ طاهر القادري سان اتحاد ڪيو،. هن اتحاد کي عمران خان جي اڳوڻي بيان بازيءَ جي ابتڙ ڏٺو ويندو هو. هو ان اتحاد کان اڳ ۾ هن پاڻ کي مذهبي ۽ فرقيوارانه اثرن کان آزاد اڳواڻ طور پيش ڪيو هو.
اسلام آباد ۾ 126 ڏينهن جو ڌرڻو، جنهن ۾ وزير اعظم نواز شريف جي استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو. شروع ۾ عمران خان اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو، پر جيئن ئي احتجاج جاري رهيو ته سندس موقف سخت ٿيندو ويو، نواز شريف کي فوري طور هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هن تبديلي کي ڪيترن ئي ماڻهن پاران ‘يو ٽرن’ طور ڏٺو ويو، ڇاڪاڻ ته هن شروعاتي طور تي اشارو ڏنو هو ته هن جو بنيادي مطالبو چونڊ سڌارا هو، حڪومتي تبديلي نه.
پاناما پيپرز ڪيس دوران سڀ کان اهم يو ٽرن آيو. جڏهن پاناما پيپرز ليڪس ۾ نواز شريف ۽ سندس خاندان کي آف شور هولڊنگز ۾ ملوث ڄاڻايو ويو ته خان صاحب موقعي جو فائدو وٺندي وزير اعظم خلاف قانوني ۽ عوامي مهم شروع ڪئي. شروعات ۾، هن نواز شريف کان استعيفا جو مطالبو ڪيو، ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو ڪرپشن جي الزامن سبب عهدو سنڀالڻ لاءِ اهل نه آهي. بهرحال، جيئن ڪيس اڳتي وڌيو، عمران پنهنجو موقف نرم ڪيو، اشارو ڏنو ته هو فوري طور ميان نواز شريف جي استعيفا بدران مڪمل جاچ قبول ڪندو. ان تبديلي کي هڪ اسٽريٽجڪ پسپائي طور تي ڏٺو ويو، جنهن سان نواز شريف تي دٻاءُ برقرار رکندي قانوني عمل کي اڳتي وڌڻ ڏنو ويو. آخرڪار، سپريم ڪورٽ 2017ع ۾ نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو.
عمران خان جي وزير اعظم جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪراري يوٽرن مان هڪ هو آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ حاصل ڪرڻ جو فيصلو. پنهنجي چونڊ مهم دوران، عمران آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي سخت مخالفت ڪئي هئي، گذريل حڪومتن تي تنقيد ڪندي انهن جي پرڏيهي قرضن تي ڀروسو ڪرڻ ۽ “بيگنگ باؤل” ڪلچر کي ٽوڙڻ جو واعدو ڪيو هو. بهرحال، عهدو سنڀالڻ تي ادائيگي جي توازن جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ، عمران جي حڪومت IMF سان ڳالهين ۾ داخل ٿي ۽ 2019 ۾ هڪ بيل آئوٽ پيڪيج حاصل ڪيو. هن قدم کي وڏي پئماني تي تنقيد ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته اها سڌي طرح سندس چونڊ مهم جي بيانن جي خلاف هئي. عمران دليل ڏيندي فيصلي جو دفاع ڪيو ته معاشي صورتحال هن لاءِ ٻي ڪا واٽ نه ڇڏي هئي. سندس چوڻ هو ته، معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف پيڪيج ضروري هو.
عمران خان لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته هن جا پاڪستان جي طاقتور فوجي اسٽيبلشمينٽ سان ويجها لاڳاپا رهيا آهن، پنهنجي شروعاتي سياسي ڪيريئر ۾، خان سياست ۾ فوجي مداخلت جي تنقيد ڪئي ۽ سول بالادستي جي حمايت ڪئي پر اقتدار ملندي ئي يو ٽرن ورتائين. اقتدار ۾ اچڻ لاءِ فوج ان جي جي مدد ڪئي. سول پوسٽن تي اهم فوجي شخصيتن جي مقرري ۽ فوجي پاليسين تي سندس موقف اڳئين موقف کان هٽيل ڏٺو ويو.
COVID-19 جو وبائي مرض هڪ ٻيو مثال هو، جڏهن عمران خان جي حڪومت کي يو ٽرن تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو. شروعات ۾، خان سخت لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي، ڏهاڙي ڪمائڻ وارن تي معاشي اثر جو حوالو ڏنو. بهرحال، جيئن صورتحال خراب ٿي وئي، صوبائي حڪومتن لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو، ته عمران خان به حالتن اڳيان آڻ مڃي. آمريڪا سان لاڳاپن جي حوالي سان عمران خان جي روش ۾ به اهم تبديليون آيون آهن. وزير اعظم بڻجڻ کان اڳ، هو آمريڪا سان پاڪستان جي اتحاد جو، خاص طور تي دهشتگردي جي خلاف جنگ جي حوالي سان سخت تنقيد ڪندڙ هو. هن ڊرون حملن جي مذمت ڪئي ۽ لاڳاپن تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو، وڌيڪ آزاد پرڏيهي پاليسي جي حمايت ڪئي. پوءِ وري هن جي حڪومت آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ ڳالهين جي سهولت فراهم ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان مان آمريڪي فوجن جي آخرڪار واپسي ٿي. هن تبديليءَ کي هڪ عملي يو ٽرن طور ڏٺو ويو.