ڪراچي:پ پ چيئرمين سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊن جي شيڊول کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت کي اليڪشن ڪميشن جو شيڊول سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب دوران لاول ڀٽو زرداري چيو ته آدمشماري تي ريڊلائين ڪڍي ڇڏي اٿئون، الزام هنيا ويندا آهن ته پ پ اختيارن جي منتقلي نٿي چاهي، هاڻي ٻڌايو ته مڪاني چونڊون ڪير روڪرائي رهيو آهي؟
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيالا ميئر اچڻ سان ڪهڙي قيامت برپا ٿيندي؟ اڄ تائين سنڌ جي عوام کي مڪاني نمائندن کان محروم رکيو پيو وڃي، عمران خان نفرت جي سياست ڇڏي جمهوريت روايتن کي هٿي ڏياري
هن جو چوڻ هو ته نفرت جي سياست سان عمران خان جو ته نقصان ٿئي ٿو، پر ملڪ کي به نقصان پهچي رهيو آهي، پاڪستان معاشي، سياسي ۽ آئيني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي
هي به پڙهندا
توشه خانه ڪيس: نيب عمران خان ۽ سندس گهرواري کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو