عمران خان جي جيل اندر ٽرائل خلاف اسٽي آرڊر ۾ سڀاڻي تائين واڌ

0
130
عمران سان ملاقات بند، اڳواڻ واپس: عدالت پاران سياسي ڳالهين تي پابندي ڪالعدم قرار
عمران سان ملاقات بند، اڳواڻ واپس: عدالت پاران سياسي ڳالهين تي پابندي ڪالعدم قرار

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل اندر ٽرائل خلاف اسٽي آرڊر ۾ سڀاڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل 2 رڪني بينچ جيل ٽرائل ۽ خاص عدالت جي جج جي مقرري خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي هلائي

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي سيڪيورٽي خدشن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

 آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به طلب ڪيو ويو

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته اسلام آباد ۾ ماتحت عدالتن جا سوين جج موجود آهن، حڪومت هڪ مخصوص جج کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي چارج ڏني

وڪيل موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کانسواءِ جڊيشل رمانڊ منظور ٿيو، جيل ۾ ٽرائل جو به واحد مقصد پي ٽي آءِ چيئرمين کي منظر تان غائب ڪرڻ آهي

جسٽس گل حسن چيو ته درخواست گذار کي سيڪيورٽي ٿريٽس ته آهن، سلمان اڪرم راجا چيو ته منهنجي اها استدعا هوندي ته جيل ٽرائل ٿئي به ته گهٽ ۾ گهٽ جج ته تبديل ڪيو وڃي

اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته سائيفر ڪيس جو ٽرائل 23 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ سان شروع ٿيو، ان کان اڳ سموري ڪارروائي پري ٽرائل پروسيڊنگ هئي

هن کي به پڙهندا

اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻي آهي ته پوءِ اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟ بلاول

توشه خانه ڪيس: نيب کي 30 نومبر تائين نواز شريف جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت