تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي آزادي آءِ “آخري ڪال” نالي تحريڪ پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ کانسوآءِ ئي پڄاڻي تي پهچي چڪي آھي. ڊي چوڪ، جناح ايونيو سميت اسلام آباد جي سمورن روڊن تي اربع ڏينهن معمول جي ٽريفڪ بحال ٿي وئي آھي. روڊن جي صفائي جو ڪم اربع جي رات کان ئي شروع ڪيو ويو هو. جناح ايونيو تي پي ٽي آءِ قيادت جي باهه لڳڻ سبب سڙي رک ٿي ويل ٽرڪ کي شايد انتظاميا ڪالھ احتجاج واري هنڌ تي ان ڪري سڙيل حالت ۾ رهڻ ڏنو ته ماڻهو عبرت وٺن پر اسلام آباد جا شهري سوشل ميڊيا تي پوسٽن لاءِ پي ٽي آءِ قيادت جي سڙيل ٽرڪ، جنهن تي بشري’ بي بي عرف پيرڻي ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير ڪي پي ڪي مان آيل مک قافلي جي قيادت ڪري رهيا هئا، سان گڏ سيلفيون ڪڍندا رهيا. ائين اسلام آباد ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ احتجاج کي روڪڻ لاءِ سمورن رستن تي رکيل ڪنٽينرن کي به جزوي طور هٽائي ڄڻ ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ رهندڙ شهرين جي زندگي آسان ڪئي وئي آھي، موبائيل انٽرنيٽ به بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آھي .
اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات اسلام آباد پوليس ۽ ٻين فورسز انتهائي شديد نوعيت جي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي، جنهن سبب ڪارڪنن ۾ انتهائي خوفناڪ ڀاڄ پئجي وئي. جنهن نموني ڪارڪنن ۾ ڀاڃ پئي، ان سان ڪيتريون ئي جانيون لتاڙجي ضايع ٿي پئي سگهيون، ڇو ته شيلنگ ايتري شديد هئي، جو ڪارڪنن ۽ مظاهرين پنهنجي ذاتي مهانگين گاڏين سوڌو ويگنن ۽ بسن کي ڇڏي جان بچائي نڪرڻ کي ئي بهتر سمجهيو. مظاهرين جي شايد اهو گمان ۾ به نه هو ته اوچتو هر طرف کان انهن مٿان اهڙي شديد شيلنگ ٿيندي. مظاهرين سوڌو ڪنهن به ساڃاه وند جي گمان ۾ اهو به نه هو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ قيادت احتجاج کي ائين ڇڏي نڪري ويندي. سڌ سماءَ جي وزير ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مظاهرين کان علائقا خالي ڪرائڻ بعد رات دير سان فاتحاڻي انداز ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير علي امين کي ڀڳوڙو قرار ڏيندي آئينده پڳڙي نه پائڻ جو مطالبو ڪيو. محسن نقوي علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي جي گرفتار ٿيڻ جي رات جو ئي ترديد ڪندي انهن کي فرار ٿيل قرار ڏنو. اهو ڌار بحث آھي ته هڪ صوبي جي وڏي وزير لاءِ وفاقي گهرو وزير کي “فرار ٿيڻ” جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن يا نه پر مظاهرين کان علائقو خالي ڪرائڻ بعد انهن جي باڊي لينگويج ٻڌائي رهي هئي ته هو فاتحن وانگر مخالفن تي وار ڪرڻ لاءِ آيا آھن. سياسي حڪومت جا ٻئي وزير ڀلي ڇا به چون پر جنهن نموني عمران خان جي آزادي لاءِ تحريڪ جي پڄاڻي ٿي آھي، ان جو تحريڪ انصاف جي سياست تي اثر پوڻ سان گڏ ملڪي مجموعي سياست تي به ان جو گهرو اثر پوندو. جنهن نموني تحريڪ جي قيادت ڪندڙن جو ڪردار سامهون آيو آھي يا جنهن نموني انهيءَ تحريڪ کي حڪومت منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار اختيار ڪئي، اهو طريقو قابل فخر نه آھي. بهرحال نه رڳو عمران خان جي آزادي جي تحريڪ پي ٽي آءِ قيادت کي نروار ڪيو آھي پر سياسي حڪومت جي اصل چهري چهري کي به وائکي ڪرڻ سان گڏ پاڪستان جي ميڊيا جي به ڪنٽرولڊ ڪردار کي وائکو ڪيو آھي ۽ ايترن سوالن کي جنم ڏنو آھي، جن سوالن تي مذهب ۽ باشعور انساني معاشري لاءِ غور ڪرڻ انتهائي ضروري آھي .
عمران خان جي آزادي لاءِ 24 نومبر کان سڄي ملڪ مان قافلا اسلام آباد طرف روانا ٿيا، جن کي اسلام آباد 25 نومبر تي پهچڻو هو پر ڪنهن به صوبي مان ته احتجاجي جلوس اسلام آباد ۾ 25 نومبر تي پهچي نه سگهيو پر اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي قيادت به جلوس وٺي اسلام آباد پهچي نه سگهي. ٿي سگهي ٿو ته اها پي ٽي آءِ پاران حڪمت عملي ٺاهي وئي هجي ته مک احتجاجي قافلن بعد ئي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي قيادت کي نڪرڻو آھي پر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان ته سمورين رڪاوٽن باوجود قافلا اسلام آباد پهتا، سنڌ ۽ بلوچستان مان ايڪڙ ٻيڪڙ ڪجھ معمولي تعداد ۾ ماڻهن کانسواءِ گهڻا ڪارڪن نه اچي سگهيا. ائين ڇو ٿيو؟ انهيءَ سوال تي ته پي ٽي آءِ قيادت کي غور ڪرڻ گهرجي پر هن تحريڪ جي ناڪامي جا سبب به ڳولهڻ گهرجن. جيئن 24 نومبر کان قافله اسلام آباد لاءِ نڪتا، ان ڏينهن کان اسلام آباد تائين نظر اهو آيو ته قيادت جي قافلن کان اڳيان ڪارڪنن جا قافلا هئا، جيڪي ورڪر پنجاب ۽ وفاقي حڪومت پاران قافلن لاءِ پيدا ڪيل رڪاوٽون هٽائيندا آنسو گيس جي شيلنگ جو مقابلو ڪندي اڳتي وڌندا رهيا. بقول حڪومت جي ته احتجاج لاءِ افغاني ۽ ڏهاڙي تي ماڻهو آندا ويا. اگر اهو سچ به آھي ته حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته نوبت ايستائين ڪيئن ۽ ڇو پهتي آھي جو ماڻهو جوکي جو ڪم هجڻ باوجود ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا آھن.
خير پاڻ ڳالھ پئي ڪئي قافلن جي سفر جي. قصو مختصر، سمورين رڪاوٽن کي ٽوڙي، رستا نه هجڻ تي ٻيڙين تي به گاڏيون دريا مان پار ڪرائي ڪارڪنن جا قافلا راولپنڊي پهتا. تڏهن به بشري بيگم ۽ علي امين جو مک قافلو انهن کان ڪئين ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هو. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته جن پريشانين کي اڳيان اڳيان هلندڙ ڪارڪنن منهن ڏنو، بشريٰ بي بي، علي امين اوتري پريشاني کي منهن نه ڏنو. راولپنڊي ۾ به سخت شيلنگ کي منهن ڏيندي ڪارڪن اسلام آباد ۾ داخل ٿيا. اسلام آباد جي ڪئين علائقن ۾ ڪلاڪن تائين ڪارڪنن پوليس جي شيلنگ جو مقابلو ڪيو. ڪارڪن به پٿرن، غليلن جو استعمال ڪندا رهيا. حڪومت ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن وٽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس هجڻ ۽ جديد هٿيار استعمال ڪرڻ جو به الزام هڻي ٿي ۽ ڪئين جديد هٿيار هٿ ڪرڻ جي به دعويٰ ڪري رهي آھي.
بهرحال علي امين ۽ بشريٰ بيگم جي قافلي کان اڳ ڪارڪن سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ڊي چوڪ پهتا. انهن ڪنٽينرن کي هٽائي ڇڏيو. جنهن منزل تي پهچڻ جو قيادت ڪارڪنن کي هدف ڏنو، انهن اهو هدف قيادت جي پهچڻ کان اڳ ئي حاصل ڪري ورتو پر قيادت نه هجڻ سبب شيلنگ سبب ڪارڪنن کي رينجز پوئتي ڌڪي جناح ايونيو ڪلٽوم پلازه تائين پهچائي ڇڏيو. ان بعد علي امين گنڊاپور “ڊي چوڪ جو مطلب ڊي چوڪ ئي وينداسين. تيستائين اتي هونداسين، جيستائين عمران خان جو حڪم هوندو” اهڙيون ڳالهيون ڪندو رهيو پر چوندا آھن ته چوڻ آسان ۽ ڪرڻ مشڪل هوندو آھي. ڪارڪنن ته رستي تي ئي علي امين کي وضوع ڪرڻ لاءِ به جلوس کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو. شايد ڪارڪنن کي اهو گمان هو ته اڳ وانگر هي احتجاج کي ڇڏي ڪٿي گم نه ٿي وڃي. جنهن وقت ڪارڪن ڊي چوڪ پهچي ويا هئا ان وقت قيادت اگر درست حڪمت عملي اختيار ڪري ها ته حڪومت کي ڪڙا مطالبا به مڃرائڻ تي مجبور ڪري پئي سگهيا پر ائين لڳي رهيو هو ته پي ٽي آءِ قيادت هڪ پيج تي نه هئي، ڇو ته بشريٰ بيگم ۽ علي امين گنڊاپور سان ڪنٽينر تي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ته موجود هو پر سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز ڪٿي نظر ئي نه آيو. نه رڳو ايترو پر پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر، شيخ وقاص اڪرم سان گڏ اڪثر مرڪزي قيادت به نظر نه پئي آئي. اسد قيصر به موجود نه هو. جنهن مان هڪ ته پي ٽي آءِ قيادت هڪ پيج ته نه هجڻ جو اشارو ملي رهيو هو ۽ ٻيو اگر حڪومت درخواست نه ڏيڻ جي باوجود سنگجاني وٽ ڌرڻي هڻڻ جي اجازت ڏني ته ان کي ڇو رد ڪيو ويو؟ سوال هي آھي ته اگر ڊي چوڪ تي ئي ڌرڻو هڻڻو هو ته ان جي تياري ڇا ڪئي وئي هئي؟ “جيستائين عمران خان آزاد نه ٿيندو، تيستائين ڊي چوڪ ۾ موجود هونداسين” جي ڳالهين کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي ٺاهي وئي؟ ڏسڻ ۾ ته اهو آيو ته اسلام آباد پهچڻ بعد شهرين کي ماني پهچائڻ سوڌو ٻي مدد جون سوشل ميڊيا تي اپيلون ڪيون ويون. نه رڳو ايترو، اسلام آباد ۾ سردي شدت اختيار ڪري چڪي آھي. اهڙي سردي ۾ نه خيمن جو بندوبست، نه ئي عارضي واشروم جو ئي ڪنهن کي ڪو خيال آيو. حڪومت شام جو، جنهن علائقي ۾ مظاهرين هئا، انهيءَ علائقي مان مارڪيٽون، دڪان بند ڪرائي ڇڏيا. مطلب ته ڀرپاسي ۾ مظاهرين لاءِ کائڻ پيئڻ جي ڪنهن به شئي ملڻ کي حڪومت مشڪل بنائي ڇڏيو. ڪارڪن سردي ۾ بنا ڪجھ کائڻ جي، ڪيئن ۽ ڪيستائين ويهي پئي سگهيا…! بشريٰ بي بي ۽ علي امين جي ڪنٽينر کي باه ڪئين به لڳي، اگر هو ڪنٽينر تان لهي مظاهري واري هنڌ ئي موجود رهن ها ته انهن لاءِ ائين سوال نه اٿي رهيا هجن ها، نه ئي کين لقب ملي رهيا هجن ها پر انهن هڪ ئي گاڏي ۾ ويهي فوري ڪي پي ڪي ۾ پهچڻ کي اهميت ڏني. چون ٿا ته بشريٰ ۽ علي امين مونال واري رستي کان ڪي پي ڪي جي مانسرا پهتا. اگر اهو درست آھي ته بظاهر ته ائين ممڪن وڏن جي مرضي سان ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اسلام آباد جي هر رستي تي ناڪا ڪراس ڪري ائين آساني سان ڪي پي ڪي پهچڻ ممڪن نه آھي. ان ڪري اهو سمجهو پيو وڃي ته عمران خان جي آزادي لاءِ آخري ڪال کي “مس ڪال” ۾ تبديل ڪرائڻ ۾ قيادت ئي ذميوار آھي.
بشري’ بي بي جي سياست ۾ انٽري لاءِ لانچنگ جو عمل ناڪام
پهريان ته پي ٽي آءِ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم عمران خان جي شريڪ حيات بشري’ بي بي جي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه بابت صحافين جي سوال تي وائيس ميسيج ذريعي اهو جواب ڏنو ته بشري’ بي بي گهريلو عورت آھي، ڪيترن ئي پروگرامن ۾ واضح ڪري چڪا آھيون ته ان جو احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جو نه پرگرام هو. نه ئي هوءَ احتجاج ۾ شامل هوندي پر ٻئي ڏينهن تي اسلام آباد طرف شروع ٿيل قافلي ۾ هوءَ شامل هئي، جنهن جو اعلان به پي ٽي آءِ ترجمان پاران ڪيو ويو. مزي جي ڳالھ ته عمران خان جون ٻئي ڀينرون بشريٰ بي بي سان نه ڀر ڌار راولپنڊي ۾ پهتل نظر آيون، جن کي يا ته ڪنٽينر تي قيادت سان گڏ جاءِ نه ملي يا انهن پاڻ ان ڪنٽينر تي وڃڻ مناسب نه سمجهيو. مامرو ڪجھ به هجي، اهو عمل ٻڌائي ٿو ته پي ٽي آءِ ۾ سڀ ٺيڪ نه آھي.
پاڪستان ۾ متبادل قيادت طور ڪنهن عورت جو سامهون اچڻ جو بشري’ بيگم ڪو اڪيلو مثال نه آھي. سڀ کان اڳ قائد اعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح سامهون آئي، جنهن کي ايوب جي سخت آمريت کي منهن ڏسڻو پيو. هن پنهنجي ڪردار سان مادرِ ملت جو خطاب ته حاصل ڪيو پر اقتدار ۾ اچڻ جو سندس لاءِ رستو هموار نه ٿي سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي گرفتاري بعد ان جي وني بيگم نصرت ڀٽو پيپلزپارٽي جي قيادت ڪئي ۽ پارٽي کي سختيون برداشت ڪري به سرگرم رکيو. ان بعد محترمه بينظير ڀٽو پيپلزپارٽي جي قيادت سنڀالي ضياءِ آمريت جو ڄمي مقابلو ڪيو، ٻه ڀيرا وزير اعظم ٿي ۽ عوام ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. ائين نواز شريف جي نااهلي ۽ جلاوطني وقت ڪلٽوم نواز، نواز ليگ کي اڳتي اچي بچايو ۽ مريم نواز پيءَ جي نااهلي بعد عوام وٽ پهچي هن مقام تي پهتي آھي. بشريٰ بيگم، عمران خان جي آزادي لاءِ هي پهريون ايونٽ هو، جنهن جي قيادت ڪئي. هن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته مان آخري تائين هونديس، پر شيلنگ بعد هن نه رڳو علي امين کي احتجاج واري هنڌ وٽان وڃڻ ڏنو پر ان سان گڏ پاڻ به هلي وئي، جنهن سان ڪارڪنن جون قربانيون مٽيءَ ۾ ملي ويون ۽ ان پنهنجي سياست ۾ انٽري جي پهرين ايونٽ کي ئي پنهنجي لاءِ اهڙو بنائي ڇڏيو، جنهن جو ڪو جواز ۽ جوڳو دليل نه ٿو ٿي سگهيئ اگر هوءَ شيلنگ بعد به اتي موجود رهي گرفتاري ڏئي ڇڏي ها ته سندس سياسي ڪيريئر ڪو ٻيو روپ اختيار ڪري ها پر ان جي اهڙي عمل گهڻين ڳالهين ڪرڻ جا جواز پيدا ڪري ڇڏيا آھن.
سياسي حڪومت ۾ احتجاج ڪندڙن تي شديد شيلنگ
هن وقت مسلم ليگ (ن) حڪمران جماعت آھي، پيپلزپارٽي ان جي اتحادي پارثي آھي. ٻنهي پارٽين پر امن سياسي احتجاج جي حق جي پئي ڳالھ ڪئي آھي نواز ليگ اگر پي ٽي آءِ لاءِ هٿيار آڻڻ جو الزام لڳائي شديد شيلنگ ڪرڻ ۽ تشدد کي جائز سمجهي ٿي ته ڇا اهڙو الزام انهن تي ايندڙ وقت ۾ لڳائڻ مشڪل هوندو؟ پي ٽي آءِ مظاهرين کان اسلام آباد خالي ڪرائڻ لاءِ حڪومت جيڪو رستو اختيار ڪيو، انهيءَ کي طاقت جو استعال قرار ڏئي سگهجي ٿو. “هڪ سج، ٻه پاڇا” وانگر اهو مامرو موجوده حڪمرانن سامهون به ايندڙ وقت ۾ اچي سگهي ٿو. ان وقت اهڙي طاقت جي استعمال کي هي ڪيئن ناجائز قرار ڏئي سگهندا. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير جي الزام کي مڃي به وٺجي ته پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ افغاني پٺاڻ ۽ ڪجھ ڪرمنل ماڻهو شامل هئا، ڇا انهن چند ماڻهن ڪري شديد طاقت جو استعمال ڪري هزارين ماڻهن جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ ڇا جمهوري عمل آھي؟ فلمن ۾ به اڪثر طور ڏيکاريو ويندو آھي ته دهشتگرد جهاز کي هاءِ جيڪ ڪري يا ڪنهن بلڊنگ ۾ شهرين کي يرغمال بنائي سرڪار کان ناجائز مطالبا ڪندا آھن ۽ سرڪار اهي مڃڻ تي مجبور ٿي ويندي آھي. مڃيون ٿا ته پي ٽي آءِ پنهنجي احتجاج کي پرتشدد بنايو، رينجرز ۽ پوليس جي جوانن پنهنجو فرض ادا ڪندي جانيون ڏنيون، پر انهن واقعن سبب اهڙو رستو اختيار ڪرڻ، جنهن سان تمام گهڻيون جانيون ضايع ٿي پئي سگهيون، به نامناسب عمل آھي. رياست کي پنهنجي شهرين سان تحمل جو ئي مظاهرو ڪرڻ گهرجي. رياست کي طاقت جو استعمال آخري قدم طور استعمال ڪرڻ گهرجي پر هن ڀيري ڳالهين جي عمل کي به ائين اڳتي نه وڌايو ويو، جيئن ماضي ۾ پي ٽي آءِ يا طاهر القادري جي ڊي چوڪ ۾ ڌرڻي وقت اڳتي وڌايو ويو هو. ان وقت ته وڌيڪ جاني، مالي نقصان ٿيو هو. پارليامينٽ، پي ٽي وي ۽ وزير اعظم هائوس اندر گهڙڻ جهڙا عمل ٿيا هئا. ان وقت ته هڪ اداري پاران پنهنجي شهرين تي طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ جي مشوري جو بيان سامهون آيو هو ۽ هڪ ڀيري هڪ مذهبي تنظيم جي احتجاجين کي ته پيسا ڏئي واپس ڪيو ويو هو. سياسي حڪومتن کي سوچڻ گهرجي، جيڪو ٻج پوکيندا اهو کين فصل لڻڻو به پوندو.
پي ٽي آءِ احتجاج ۽ ميڊيا جو ڪردار
پاڪستان ۾ ايوب، يحييٰ، ضياءُ الحق جي آمريتي دورن ۾ ميڊيا جي ڪردار تي تنقيد ٿيندي آھي. اها تنقيد ڪنهن وقت مونکي به جائز لڳندي هئي پر مان پنهنجي دور جي جنهن صحافت کي ڏسي رهيو آھيان، اگر انهيءَ ڪردار تي ايندڙ وقت ۾ نئين نسل سوال اٿاريا ته اسان انهن کي جواب ڏيڻ جي قابل نه هونداسين. ماضي جي آمريتن ۾ صحافين ايترو ته دانشمندي وارو ڪرادار ادا ڪيو ته انهن کان سنسرشپ ڪري جيڪي خبرون ڪرايون وينديون هيون، انهن جاين کي هو خالي ڇڏي ڏيندا هئا. اڄ ماضي جي اخبارن ۾ اهي خالي جايون ان دور جي سنسرشپ جو چٽو مثال آھن پر اسان جي دور جي صحافت ۾ ماضي جي انهن روايت کي به زنده نه پيو رکيو وڃي. ڪنهن جي هدايت تي سنسرشپ کان وٺي سيلف سينسر شپ به ڪئي وڃي ٿي. پي ٽي آءِ جي 26 نومبر 2024 تي ٿيل احتجاج دوران ميڊيا ادارن تي حملن ۽ صحافين سان بدتميزي سان پي ٽي آءِ پنهنجو چهرو مسخ ڪيو آھي ۽ اهو قابل مذمت عمل آھي پر انهيءَ احتجاج جي ڇا پروفيشنل طرح رپوٽنگ ٿي؟ اهو به هڪ سوال آھي. سوال هي به آھي ته جنهن علائقي ۾ مظاهرين موجود هئا، انهيءَ علائقي مان اهو واضح امڪان هجڻ باوجود ته رات جو آپريشن ٿي سگهي ٿو، لائيو نشريات جون گاڏيون ڇو هٽايون ويون ۽ اڪثر ادارن پنهنجي ٽيمن کي مقرر ڇو نه ڪيو؟ ميڊيا جو اهو ڪردار ميڊيا لاءِ ئي انتهائي زهر قاتل آھي. سوال هي به آھي ته جڏهن 2014 ۾ عمران خان ۽ طاهر القادري ڊي چوڪ ۾ ڌرڻو هنيو هو، ان وقت جيڪي عمران جي پنڊال ۾ ماڻهو هوندا هئا، انهن کان ته ڪالهوڪي احتجاج ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ ماڻهو موجود هئا، پوءِ 2014 وانگر هن احتجاج کي ڇو ڪور نه ڪيو ويو؟ فرق رڳو اهو آھي ته 2014ع ۾ جن طاقتن عمران خان کي آڻي ڊي چوڪ ويهاريو هو، هي احتجاج انهن جي آشيرواد کانسواءِ ٿي رهيو هو. ائين اڄ پاڪستان جي هڪ وڏي اردو اخبار پاران جيڪا احتجاج ختم ٿيڻ تي مک سرخي لڳائي آھي، اها صحافت نه پر ٻيو ڪجھ آھي ۽ ان ٻوليءَ کي غيرپارلياماني ٻولي ئي چئي سگهجي ٿو. اخبارون اڳ ئي تاريخ جي سخت ترين دور مان گذري رهيون آھن، اهڙي صورتحال ۾ هڪ وڏي اخبار پاران اهڙي ٻولي لکڻ جنهن سان وقت جا حڪمران ته خوش ٿي سگهن ٿا ۽ انهن کان کين انعام به ملي سگهي ٿو پر ان سان عوامي حمايت تي حرف ايندو ۽ ميڊيا جا ادارا عوامي سپورٽ کانسواءِ هلي نه سگهندا آھن. ها حڪمرانن جي سپورٽ کانسواءِ ڪيترائي ادارا هليا آھن ۽ هلي رهيا آھن ۽ هلي سگهن ٿا.
ڪارڪنن کي بار بار اڪيلو ڇڏي وڃڻ جو پي ٽي آءِ جي سياست تي ڪهڙو اثر پوندو؟
پهريان به علي امين گنڊاپور اوچتو احتجاج مان نڪري ڪي پي ڪي هائوس پهتو، جتان هو گم ٿي ويو هو. ڪالھوڪي احتجاج ۾ به هو بشريٰ بيگم سان گڏ ڪي پي ڪي نڪري ويو. سوال هي آھي ته جنهن نموني شيلنگ ٿي آھي، ان مامري کي ڏسي ۽ پي ٽي آءِ قيادت جي اوچتو ميدان مان پاڻ کسڪي وڃڻ سان هاڻي ايندڙ وقت تي ڪارڪنن قيادت تي ڪيئن اعتبار ڪري سگهندا؟ ڪارڪن ڪنهن به پارٽي جو اهم اثاثو هجن ٿا. سياسي ڪارڪنن جي شڪست اصل ۾ جمهوري عمل کي سخت متاثر ڪندڙ عمل آھي. پي ٽي آءِ کي پنهنجي ڪارڪنن سان معذرت ڪرڻ گهرجي، جيئن انهن کي دوکي مٿان دوکو ڏنو پيو وڃي ۽ پي ٽي آءِ هاڻي ڪا نئين پارٽي ناهي جو اهڙا عمل اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪري. کين سوچي سمجهي اعلان ڪرڻ گهرجن. آخري اعلان، سوناميسميت وڏا وڏا لفظ استعمال ڪرڻ سان ائين ٿي نه ويندو آھي. جدوجهد ذريعي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ صبر، تحمل حڪمت عملي جو وڏو عمل دخل هوندو آھي.