عمران خان جو راولپنڊي دير سان اچڻ اھم حڪمت عملي جو حصو آھي: شيخ رشيد

0
144
عمران خان جو راولپنڊي دير سان

اسلام آباد: عوامي مسلم ليگ جي سربراھ شيخ رشيد چيو آھي تھ عمران خان جو راولپنڊي دير سان اچڻ اھم حڪمت عملي جو حصو آھي

ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ شيخ رشيد چيو تھ راولپنڊي جي اجلاس ۽ لنڊن ۾ ٿيندڙ ميٽنگ اھم فيصلن جو فائنل رائونڊ آھي، اليڪشن کان وٺي سليڪشن تائين سمورا اھم فيصلا ھن ئي مھيني پنڊي ۾ ٿيندا

Imran begins long march with guns aimed at spy chief - Pakistan - DAWN.COM

ھن چيو تھ حڪومت معاشي، سياسي ۽ قومي سلامتي جي لاءِ خطرو ۽ ڀڃ ڊاھ جو شڪار آھي، جيترو غيرملڪي دورن تي خرچ ٿيو اوتري امداد ناھي ملي، قوم رستن تي ھوندي ۽ ھي لنڊن ۾ نيو ايئر ملھائي رھيا ھوندا

شيخ رشيد جو چوڻ ھو تھ عمران خان جو راولپنڊي دير سان اچڻ اھم حڪمت عملي جو حصو آھي، جڏھن تھ ايف آءِ آر نھ ڪٽجڻ جو طعنو ڏيندڙن سياسي لغر ڪاٽا ٿيڻ وارو آھي

 

ھن چيو تھ زرداري ۽ نواز شريف جون خواھشون دم ٽوڙي ڇڏينديون، فضل الرحمان قل پڙھائيندو، وطن جي لاءِ ڪفن پائيندڙ ادارا ملڪ بچائيندا، اليڪشن ڪرائينداسين، سپريم ڪورٽ آخري اميد آھي

عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر قبول ناھي: شاھ محمود قريشي

پاڪستان ۾ تشدد جي گنجائش ناھي، ڌريون تشدد، ھراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪين کان پاسو ڪن: آمريڪا