عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ

0
48
عمران خان جا گرفتاري وارنٽ

اسلام آباد جي عدالت طرفان عمران خان جي گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت عمران خان جي گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ  جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو چوڻ هو ته جڏهن پهريان پوليس وارنٽ کڻي وئي ته هڪ سينيٽر چيو هو موجود نه آهي، جيترو به نقصان ٿيو آهي گرفتاري وارنٽ  تي عمل ڪرائڻ جي دوران ٿيو آهي

عدالت طرفان عمران خان جي گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي

جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي گرفتاري لاءِ زمان پارڪ ۾ آپريشن تي پابندي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي

لاهورهاءِڪورٽ عمران خان جي گرفتاري  لاءِ زمان پارڪ ۾ آپريشن تي لڳايل  پابندي ۾سڀاڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي

جسٽس طارق سليم شيخ پاران فواد  چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻيءَ کانپوءِ  لکت ۾حڪم نامو جاري ڪيو ويو

لاهور هاءِ ڪورٽ پاران حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ ٻڌڻيءَ تائين آپريشن تي پابندي برقرار رهندي

هي به پڙهندا

لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي آچر ڏينهن مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ طرفان نيب کي ڪرپشن ڪيسز ۾ هيل تائين اوڳاڙيل رقمن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم