اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ( ن ) جي مرڪزي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي 2018ع واري سليڪشن ڪاميٽي ٽٽي چڪي، سيلڪٽرز گهر هليا ويا ۽ هاڻي پنهنجي ڪيل فيصلي تي پڇتائي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان کي سلڪيٽ ڪندڙ اڄ مڃي رهيا آهن ته عمران خان جو گهر وڃڻ ضروري هو، هو مُلڪ لاءِ خطرو بڻجي چڪو هو. هن چيو ته عمران جي ڪهاڻي ختم ٿي وئي آهي، عمران خان ڪالهه اسٽيبلشمينٽ کي چئي رهيو هو ته تاڙي لاءِ مان ته هٿ وڌايو آهي ٻيو هٿ نٿو ملي، هو ان لاءِ روئي رهيو آهي ته تاڙي لاءِ ٻيو هٿ نٿو ملي، هاڻي کيس تاڙي وڄائڻ لاءِ ٻيو هٿ نه ملندو، هاڻي اِها تاڙي نه وڄندي. مريم نواز چيو ته اليڪشن کان سليڪشن وارا ڊڄندا آهن نواز ليگ نه، اليڪشن کان اُهي لنوائيندو آهي جيڪو سليڪٽ ٿي آيو هو. هن چيوته نواز ليگ چونڊن جي تياري شروع ڪري چڪي آهي، مخالف بزدلن وانگر زمان پارڪ ۾ لڪي ويٺا آهن اسان ميدان ۾ آهيون، عمران خان ڀلي جيترو ڄنگهه تي پلاسٽر چاڙهي کيس گهڙي چوري، اولاد لڪائڻ ۽ فارين فنڊنگ جو حساب ڏيڻو پوندو. مريم نواز اڳوڻي چيف جسٽس جو نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪئي ۽ چيو ته بابا رحمتي هن قوم جو بابا زحمت بڻجي ويو آهي، اڄ گهٽي گهٽيءَ ۾ سچائي ۽ امانت جا گُل ٽڙي رهيا آهن. هن چيو ته عوام بيوقوف نه آهي پر عوام کي سڀ خبر آهي ته هن مهانگائي کي آڻڻ وارو ڪير آهي، جڏهن نااهلن جي هٿن ۾ ملڪن ايندو ۽ جڏهن ملڪ هيٺ ويندو آهي ته نواز شريف کي آواز ڏيندا آهن ته اچي ملڪ ٺيڪ ڪيو، هن چيو ته شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار کي گهرجي ها ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون نه ڪن ها، جيڪو شخص آءِ ايم ايف جي هٿان هن ملڪ کي گروي رکي ويو، تباهي ڪري زمان پارڪ ۾ لڪي ويٺو آهي ان کي آڻي چون ها ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيو، ان کي ويهاري چون ها ته آءِ ايم ايف ۽ قوم ٻنهي کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي هٿان ملڪ کي ڪيئن گروي رکيو ۽ ڪهڙا شرط طئي ڪيا جو اڄ به معيشت سنڀالجڻ ۾ نه اچي رهي آهي.